Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 22:3 - Hindu Sindhi Bible

3 ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان سکيا حاصل ڪئي اٿم. هن مون کي وڏن جي نيم جي بہ مڪمل سکيا ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ ايشور جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 آئون يهودي آهيان جو ڪليڪيہ جي ترسس شهر ۾ پيدا ٿيس؛ ۽ هن شهر ۾ گميليل جي قدمن ۾ علم حاصل ڪيم، ۽ ابن ڏاڏن جي شريعت جي پوري پوري تعليم ملي اٿم، ۽ جهڙيءَ طرح اوهين مڙيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آئون بہ هوندو هوس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا جي شهر ترسس ۾ پيدا ٿيس. آءٌ هتي يروشلم ۾ ئي وڌي وڏو ٿيس ۽ گملي‌ايل وٽان علم حاصل ڪيو اٿم. هن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آءٌ بہ هوندو هئس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گملي⁠ايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 22:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان ناريءَ جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.


ٽئين ڏينهن تي هنن يسوع کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي شاسترين سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين.


تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ يسوع وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ يسوع جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو.


پوءِ برنباس سائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو.


انهن کي هي خط لکي ڏنائون تہ ”غير قومن مان جيڪي مسيح تي وشواس رکندڙ انطاڪيا، بلڪ سڄي شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن ۾ ٿا رهن، تن کي اسان ڀائرن، يعني سنتن ۽ اڳواڻن جا نمسڪار هجن.


پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي منڊلين کي وشواس ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.


جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي سڌ آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن يسوع مسيح تي وشواس آندو آهي، جيڪي موسيٰ جي نيم تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن.


پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا صوبي جي مشهور شهر ترسس جو ويٺل آهيان. منهنجي وينتي آهي تہ مهرباني ڪري مون کي آگيا ڏيو تہ آءٌ ماڻهن سان ڳالهايان.“


گورنر خط پڙهيو ۽ پڇيائين تہ ”اهو ماڻهو ڪهڙي صوبي جو رهاڪو آهي؟“ جڏهن کيس خبر پيئي تہ هو ڪلڪيا جو رهاڪو آهي،


جڏهن پولس ڏٺو تہ پئنچائت ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيوت ٿي اٿندا.“


هائو، گھڻي عرصي کان وٺي اهي مون کي ڄاڻين ٿا ۽ جيڪڏهن مرضي هجين تہ شاهدي ڏين تہ ڪيئن آءٌ پنهنجي ڌرم جي سڀني کان سخت پابند پنٿ فريسيءَ موجب جيون گذاريندو هئس.


ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ يسوع ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.


پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو نيم شاستري ۽ سڀني ماڻهن ۾ مانوارو هو، سو پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ سنتن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين.


پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ ڀڳتيءَ واري جاءِ جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا.


هوڏانهن سائول اڃا تائين پرڀو يسوع جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو


پرڀوءَ وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو پرارٿنا ڪري رهيو آهي


جڏهن وشواسين کي اها خبر پيئي تہ هو سائول کي قيصريہ شهر ۾ وٺي ويا ۽ پوءِ کيس سندس اباڻي شهر ترسس ڏانهن موڪلي ڇڏيائون.


تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا ايشور پنهنجي قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابرهام جي پيڙهيءَ ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.


ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي بني اسرائيل آهن؟ آءٌ بہ آهيان. ڇا هو ئي ابرهام جي پيڙهيءَ مان آهن؟ آءٌ بہ آهيان.


آءٌ يهودي ڌرم جي لحاظ کان ان وقت پنهنجي قوم جي گھڻن هڪ جيڏن کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيندو ٿي ويس. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڌرمي ريتن رسمن تي نهايت ئي سرگرميءَ سان هلندو هئس.


تنهن کان پوءِ آءٌ شام ۽ ڪلڪيا جي علائقن ۾ آيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ