Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:26 - Hindu Sindhi Bible

26 سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پوِتر ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پوِتر ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تنهن تي پولس اُنهن ماڻهن کي وٺي، ٻئي ڏينهن پاڻ کي هنن سان گڏ پاڪ ڪري هيڪل ۾ ويو، ۽ خبر ڏنائين تہ جڏهن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيندا، تڏهن اُنهن مان هڪڙي هڪڙي جي لاءِ قرباني چاڙهي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پاڪ ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پاڪ ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ٻئي ڏينھن تي پولس انھن چئن ماڻھن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انھن سان گڏ پاڪ ٿي ھيڪل ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين تہ ھو پاڪ ٿيڻ جا ھيترا ڏينھن پورا ڪندا. انھيءَ کان پوءِ انھن مان ھر ھڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:26
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهودي قوم جو فصح وارو تهوار ويجھو هو، سو ڪيترائي ماڻهو فصح جي تهوار کان اڳ ٻهراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا هئا تہ جيئن هو پاڻ کي پوِتر ڪن.


سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پوِتر ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ نيم تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو.


جڏهن مون ائين پئي ڪيو ۽ هيڪل ۾ پوِترتائيءَ جي حالت ۾ هئس، تڏهن هنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو.


يهودين لاءِ آءٌ يهودين جهڙو بڻيس تہ جيئن يهودين کي هٿ ڪريان. نيم جي پابندن لاءِ آءٌ نيم جو پابند بڻيس تہ جيئن نيم جي پابندن کي هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ نيم جو پابند ڪين هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ