Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 21:19 - Hindu Sindhi Bible

19 پولس انهن کي نمسڪار ڪرڻ بعد اهي سڀيئي ڪم تفصيل سان ٻڌائڻ لڳو، جيڪي ايشور سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ جڏهن هو اُنهن کي سلام ڪري رهيو، تڏهن جيڪي خدا سندس خدمت جي وسيلي غير قومن ۾ ڪيو هو، سو ترتيب وار ٻُڌايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پولس انهن کي سلام ڪرڻ بعد اهي سڀيئي ڪم تفصيل سان ٻڌائڻ لڳو، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 پولس انھن کي سلام ڪرڻ بعد اھي سڀيئي ڪم ترتيبوار ٻڌايا، جيڪي خدا سندس معرفت غير قومن ۾ ڪيا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 21:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن ۽ کين ’سوامي، سوامي‘ ڪري پڪارين.


يهوداہ اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي مان هو، ڇاڪاڻ تہ سيوا واري ڪم ۾ اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو هو.“


اتي پهچي هنن منڊليءَ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ايشور هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح ايشور غير قومن جي لاءِ وشواس جو دروازو کولي ڇڏيو.


پوءِ سڀني ماڻهن خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اهو بيان ٻڌو تہ ڪيئن نہ ايشور انهن جي وسيلي غير قومن ۾ ڪرامتون ۽ چمتڪار ڪيا.


جڏهن هو يروشلم ۾ پهتا تہ منڊليءَ وارن پنهنجن اڳواڻن ۽ اتي موجود سنتن سميت سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اتي پولس ۽ برنباس اهو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايو جيڪو ايشور هنن جي وسيلي ڪيو هو.


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اها چنتا آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا سيوا پرڀو يسوع کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني ايشور جي ڪرپا جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو ايشور جي ڪرپا سان آهيان ۽ ايشور جي اها ڪرپا مون تي اجائي نہ هئي، ڇو تہ مون ٻين سڀني سنتن کان وڌيڪ سيوا جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اها ايشور جي ڪرپا هئي جيڪا مون تي آهي.


جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس تہ مون وڏي بردباريءَ سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ چمتڪارن ذريعي اوهان تي اها حقيقت ظاهر ڪئي تہ آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان.


اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو،


انهيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ ايشور جي انهيءَ شڪتيءَ موجب سخت جدوجهد ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ