Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:6 - Hindu Sindhi Bible

6 بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ فطيري مانيءَ وارن ڏينهن کانپوءِ، اسين فلپيءَ مان جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، ۽ پنجن ڏينهن ۾ تروآس ۾ اچي وٽن پهتاسين؛ ۽ اتي ست ڏينهن ٽڪي پياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 بي‌خميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اسين بي⁠خميري مانيءَ جي عيد کان پوءِ سامونڊي جھاز ۾ چڙھي فلپيءَ مان روانا ٿي وياسون ۽ پنجن ڏينھن کان پوءِ انھن سان اچي تروآس ۾ ملياسين، جتي اسين ھڪ ھفتو رھياسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار جا ڏينهن هئا.


پولس کي درشن ملڻ شرط اسان هڪدم مڪدُنيا ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇاڪاڻ تہ اسان کي يقين ٿي ويو تہ ايشور اسان کي گھرايو آهي تہ کين خوشخبري ٻڌايون.


اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائش‌گاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين.


تنهنڪري اهي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس شهر ۾ آيا.


پولس فيصلو ڪيو هو تہ هو اِفسس شهر جي ٻاهران ٻاهران هليو وڃي، تہ جيئن آسيا صوبي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو تهوار يروشلم ۾ وڃي ملهائي.


پوءِ اهي اڳتي وڃي تروآس ۾ اسان جو انتظار ڪرڻ لڳا.


سو شهر اندر وڃي اتان جي وشواسين کي ڳولي ساڻن ملياسين، جن وٽ اسين ست ڏينهن رهياسين. پوِتر آتما جي وسيلي مليل ڄاڻ جي ڪري هو پولس کي چوندا ٿي رهيا تہ ”اوهين يروشلم ڏانهن نہ وڃو.“


ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ سيوا لاءِ چونڊيو ويو هو.


اتي اسان کي ڪي وشواسي مليا، جن جي وينتي ڪرڻ تي اسين هڪ هفتو وٽن رهياسين. پوءِ اسين روم ڏانهن هلڻ لڳاسين.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني يسوع جا داس آهيون. هي خط وشواسي منڊليءَ جي سنڀاليندڙن ۽ سيوڪن سميت يسوع مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان جو اپمان ڪيو ويو. پر ايشور اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.


جيڪو جبو آءٌ تروآس شهر ۾ ڪرپس وٽ ڇڏي آيو هئس، جڏهن اچين تہ اهو کنيو اچجانءِ، ان سان گڏ منهنجا لکيل ورق بہ، خاص ڪري چمڙي جا ورق.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ