Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:29 - Hindu Sindhi Bible

29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوهان ۾ اچي پوندا، جيڪي ڌڻ تي ڪابہ ديا نہ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 مون کي خبر آهي تہ منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڏاريندڙ بگهڙ اوهان ۾ اچي پوندا، ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس ڪونہ ڪندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منهنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوهان ۾ اچي پوندا، جيڪي ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ منھنجي وڃڻ کان پوءِ وحشي بگھڙ اوھان ۾ اچي پوندا ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس نہ ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:29
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ٿجو ۽ ڪبوترن وانگر نہ ڏکوئيندڙ ٿجو.


”سنديش ڏيندڙ انهن سنت سڏائڻ وارن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ايشور جا حقيقي سنت نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


وڃو، آءٌ اوهان ڄڻ تہ گھيٽڙن کي بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان.


يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پتا جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي راڄ ۾ شامل ڪري.


جيڪو مزدور آهي سو نہ ريڍار آهي ۽ نہ وري رڍن جو مالڪ. هو جڏهن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو.


جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن يسوع شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پوِتر آتما اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو ايشور جي انهيءَ منڊليءَ کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي پٽ جي رت سان خريد ڪئي آهي.


ايشور جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي سنڀال ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن ايشور چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارا ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي سکيا ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ ڪوڙيون ڳالهيون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا.


”انتم زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌ڌرميءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ