Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:27 - Hindu Sindhi Bible

27 ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت ايشور جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 ڇالاءِ⁠جو مون خدا جو مقصد پوريءَ طرح اوھان کي ٻڌايو آھي ۽ ذري جي بہ ڪسر نہ ڇڏي اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:27
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ کين سکيا ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ سنسار جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


پر فريسين ۽ نيم شاسترين يوحنا کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان ايشور جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو.


هن کان پوءِ آءٌ نہ چوندس تہ اوهين داس آهيو، ڇاڪاڻ تہ داس کي سڌ نہ هوندي آهي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رهيو آهي. پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پتا کان ٻڌيون آهن سي سڀ اوهان کي ٻڌايون اٿم.


ايشور پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.


ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُلي‌عام ۽ گھر گھر سکيا ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي.


سڀني ڳالهين بابت مون خود عمل ڪري پاڻ کي نمونو بڻائي اوهان کي سمجھايو آهي تہ ڪيئن محنت ڪري ڪمزورن جي مدد ڪرڻ گھرجي ۽ پرڀو يسوع جي سکيا ياد رکڻ گھرجي، جنهن پاڻ فرمايو آهي تہ ’وٺڻ کان ڏيڻ وڌيڪ برڪت ڀريو آهي.‘“


جيڪا ڳالهہ مون کي پرڀو يسوع کان ملي هئي سا مون اڳ ۾ اوهان تائين پهچائي آهي. اها هيءَ آهي تہ جنهن رات پرڀو يسوع کي گرفتار ڪرايو ويو، تنهن رات هن روٽي کڻي


اسين بي‌شرميءَ وارين لڪل ڳالهين کان بہ پاسو ڪريون ٿا. اسين نڪي ٺڳيءَ سان ٿا هلون ۽ نہ وري مسيح بابت ايشور جي سنديش ۾ ڦيرڦار ٿا ڪريون. اٽلندو سچ کي پڌرو ڪري ايشور جي آڏو هر هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پنهنجي نيڪي ٿا ڄمايون.


تہ پوءِ ڇا سچ ٻڌائڻ جي ڪري هاڻي آءٌ اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان؟


ايشور اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو ايشور جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


ان جي ابتڙ ايشور اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو سنديش جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر ايشور کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ