Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:26 - Hindu Sindhi Bible

26 تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن آءٌ پوري يقين سان چوان ٿو تہ اوهان مان ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو آءٌ ذميوار نہ آهيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري ٿو چوان تہ آئون سڀني ماڻهن جي خون کان پاڪ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن آءٌ پوري يقين سان چوان ٿو تہ اوهان مان ڪنهن جي بہ گمراهيءَ جو آءٌ ذميوار نہ آهيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 تنھنڪري اڄوڪي ڏينھن قسم سان چوان ٿو تہ آءٌ اوھان مان ڪنھن جي بہ گمراھيءَ جو ذميوار نہ آھيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جيوت ڪرڻ مهل جيڪي ماڻهو يسوع سان گڏ هئا، سي انهيءَ چمتڪار جي شاهدي ڏيندا ٿي آيا.


جنهن ماڻهوءَ اهو ڏٺو تنهن انهيءَ جي شاهدي ڏني آهي تہ جيئن اوهين بہ وشواس آڻيو. سندس شاهدي سچي آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو تہ جيڪو هو چوي ٿو سو سچ آهي.


جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“


هنن بابت آءٌ اها شاهدي ٿو ڏيان تہ ايشور جي لاءِ کين جذبو تہ آهي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن


سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل ايشور منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان.


اسان کي پنهنجين دلين ۾ جاءِ ڏيو. اسان ڪنهن سان بہ ناحق نہ ڪيو آهي، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو آهي ۽ نہ وري ڪنهن کان ناجائز فائدو حاصل ڪيو آهي.


آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.


ڪنهن ماڻهوءَ کي سيوا لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي پاپن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پوِتر رکجانءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ