Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 20:1 - Hindu Sindhi Bible

1 هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني وشواسين کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جڏهن هل بس ٿيو، تڏهن پولس شاگردن کي سڏي انهن کي نصيحت ڪئي، پوءِ کانئن موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني ايمان وارن کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني شاگردن کي گڏ ڪيو ۽ کين نصيحت ڪرڻ کان پوءِ کانئن موڪلايائين. پوءِ ھو اتان روانو ٿي مڪدونيا ڏانھن ھليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 20:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.


اتي جهاز مان لهي وري فلپي شهر ۾ آياسين، جيڪو مڪدُنيا جي انهيءَ علائقي جو مکيہ شهر آهي. اهو شهر رومين جي رهائش‌گاهہ بہ آهي. اسين اتي ڪجھہ ڏينهن ترسي پياسين.


اتي رات جو پولس کي درشن ڏنو ويو جنهن ۾ مڪدُنيا صوبي جو هڪڙو ماڻهو بيهي منٿ ڪري کيس چوي پيو تہ ”سوامي! پار ٽپي مڪدُنيا ۾ اچو ۽ اسان جي مدد ڪريو.“


هنن ڳالهين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ هو يونان جي صوبن مڪدُنيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. هن وڌيڪ هي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ ضرور وڃڻ گھرجي.“


تڏهن پولس ماڙيءَ تان هيٺ لهندي ئي جھڪي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ”چنتا نہ ڪريو، هي جيوت آهي.“


هو اتان جي علائقن مان ٿيندو ۽ ماڻهن کي گھڻين ئي ڳالهين بابت نصيحتون ڪندو يونان اچي پهتو.


اتي هو ٽي مهينا ترسيو. پوءِ هو شام صوبي ڏانهن سامونڊي جهاز جي رستي وڃڻ لاءِ تيار هو تہ کيس خبر پيئي تہ ڪي يهودي سندس تاڙ ۾ ويٺا آهن. سو هن مڪدُنيا واري رستي ئي موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.


هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون.


اهي ڪم ڪرامتن ۽ چمتڪارن جي طاقت وسيلي يعني پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي پرچار واري سيوا پوري ڪري ڇڏي آهي.


هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار چئجو. مسيح جون سڀ منڊليون اوهان کي نمسڪار چون ٿيون.


سڀيئي ڀائر ڀينر اوهان کي نمسڪار ٿا ڪن. هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار ڪجو.


جيئن تہ منهنجو مڪدُنيا صوبي ڏانهن اچڻ جو ارادو آهي، سو آءٌ اتان ٿيندو پوءِ اوهان وٽ ايندس.


هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار ڪجو. مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀيئي اوهان کي نمسڪار ٿا چون.


ڏسو، جڏهن اسين مڪدُنيا صوبي ۾ آياسين تڏهن بہ اسان کي آرام نہ مليو، بلڪ هر طرف کان مصيبتن ۾ ڦاسجي وياسين. ٻاهر جھيڙا جھڳڙا هئا ۽ اندر ۾ خوف خطرا.


سڀني وشواسين کي اسان جي طرفان پريم ڀريا نمسڪار ڏجو.


جيئن مون مڪدُنيا صوبي ڏانهن وڃڻ وقت تو کي تاڪيد ڪيو هو تيئن تون اِفسس شهر ۾ رهجانءِ، انهيءَ لاءِ تہ ڪن ماڻهن کي حڪم ڏئين تہ غلط قسم جي سکيا نہ ڏين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ