Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:46 - Hindu Sindhi Bible

46 اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

46 ۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

46 اھي ھر روز ھيڪل ۾ گڏ ٿيندا ھئا ۽ پنھنجن گھرن ۾ خوشي ۽ دل جي صفائيءَ سان گڏجي ماني کائيندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:46
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اکيون شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن. سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر روشني هوندي.


پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ دان ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پوِتر ٿي پوندو.


پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ رسوئي کائڻ ويٺو تہ روٽي کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين.


اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهيا.


پوءِ هن پولس ۽ سيلاس کي مٿي پنهنجي گھر وٺي اچي کارايو پيئاريو. ايشور تي وشواس آڻڻ جي ڪري هو ۽ سندس سڄو ڪٽنب بيحد خوش هو.


اهي پنهنجو وقت سنتن کان سکڻ، هڪٻئي جي سنگت ۾ رهڻ، گڏجي رسوئي کائڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳا.


ڇنڇر جي شام جو اسين رسوئي کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. تڏهن اتي پولس ماڻهن سان ڳالهائڻ لڳو. جيئن تہ هو ٻئي ڏينهن تي روانو ٿيڻ وارو هو، تنهنڪري سندس ڳالهائڻ رات جو دير تائين جاري رهيو.


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن ڀڳتي ڪرڻ ويا.


انهيءَ حڪم موجب سنت صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ سکيا ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن پئنچائت جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن سنتن کي آڻي حاضر ڪن.


اهي روزانو هيڪل ۾ ۽ ماڻهن جي گھرن ۾ سکيا ڏيندا ۽ هن خوشخبريءَ جو پرچار ڪندا رهيا تہ يسوع ئي مسيح آهي.


جيڪڏهن اهو وردان نصيحت ڪرڻ جو هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جو هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو رهنمائي ڪرڻ جو هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اهو وردان ديا ڪرڻ جو هجي تہ خوشيءَ سان ديا ڪري.


جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي ايشور جي مهما ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين روٽي ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي شرير ۾ شموليت نہ آهي ڇا؟


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ ايشور کان مليل پوِترتائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان جيون گذاريو آهي. اهڙو ورتاءُ اسان سنسار ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين سنساري ڏاهپ موجب نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا موجب ڪيو آهي.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پوِترتائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


اي غلامؤ! جهڙيءَ طرح اوهين مسيح جا فرمانبردار آهيو، تهڙيءَ طرح پنهنجن سنساري مالڪن جا بہ صاف‌دليءَ سان ڊڄندي ۽ ڏڪندي فرمانبردار رهو.


اي غلامؤ! پنهنجي سنساري مالڪن جا هر ڳالهہ ۾ فرمانبردار رهو. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر صاف‌دليءَ سان ۽ پرميشور جو خوف رکندي سندن سيوا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ