Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:32 - Hindu Sindhi Bible

32 انهيءَ ئي يسوع کي ايشور جيوت ڪيو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 انهيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:32
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين پڻ منهنجي شاهدي ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهين شروع کان وٺي مون سان گڏ رهيا آهيو.


پر جڏهن پوِتر آتما اوهان تي پرگھٽ ٿيندي، تڏهن اوهان کي شڪتي ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو


ايشور انهن جي اولاد يعني اسان جي لاءِ يسوع کي جيوت ڪري اهو وچن پورو ڪيو، جيئن زبور ٻئي ۾ لکيل آهي تہ ’تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.‘


ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي سنسار جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيوت ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“


پر ايشور هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيوت ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


اهڙيءَ طرح اوهان جيون جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون.


انهيءَ ڪري ايشور پنهنجي داس يسوع کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها آسيس بخشي جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.


خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت وڏي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني وشواسين تي ايشور جي ڏاڍي ڪرپا هئي


توڙي جو اوهان يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور کيس وري جيوت ڪيو.


پوءِ تہ اسين ايشور جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاهد ٿي پياسين، ڇو تہ اسان شاهدي ڏني آهي تہ هن مسيح کي جيوت ڪيو. سو جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ مئل جيوت ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ايشور مسيح کي بہ جيوت ڪري نہ اٿاري ها.


انهيءَ ڪري ايشور جهڙيءَ طرح پنهنجي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع کي جيوت ڪري اٿاريو، تهڙيءَ طرح هو اسان کي بہ جيوت ڪري اٿاريندو.


ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جنهن پرڀو يسوع مسيح کي مئلن مان جيوت ڪيو آهي، سو يسوع سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيوت ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


هي خط مون پولس سنت جي طرفان آهي. آءٌ نہ ماڻهن جي پاران نڪي ماڻهن جي وسيلي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت چونڊيو ويو آهيان. پر آءٌ يسوع مسيح ۽ پتا يعني ايشور جي طرفان آهيان، جنهن مسيح کي مئلن مان جيوت ڪري اٿاريو.


جيڪا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن کيس مئلن مان جيوت ڪري اٿاريائين ۽ آڪاش تي پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين.


اوهان ۾ اهو عمل تڏهن ٿيو جڏهن اوهين بپتسما جي وسيلي مسيح سان گڏ دفن ٿيا ۽ ايشور، جنهن کيس مئلن مان جيوت ڪيو، تنهن جي انهيءَ شڪتيءَ تي وشواس آڻڻ جي ڪري اوهين ساڻس گڏ جيوت ڪري اٿاريا ويا.


هاڻ شانتي بخشيندڙ ايشور جنهن رڍن جي مهان ڌنار، يعني اسان جي پرڀو يسوع کي سندس رت سان ٻڌل امر وچن جي وسيلي مئلن مان وري جيوت ڪري اٿاريو،


مسيح جي ئي وسيلي اوهين ايشور تي وشواس رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيوت ڪري مهانتا بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو وشواس ۽ آسرو ايشور تي ئي هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ