Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:31 - Hindu Sindhi Bible

31 دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ ايشور ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيوت ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس شرير ڳري سڙي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 سو اها پيش بيني ڪري هن مسيح جي وري جي اُٿڻ جي ڳالهہ ڪئي، تہ نڪي هو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم سڙي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي مئلن جي دنيا ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس جسم ڳري سڙي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ خدا ڇا ڪندو، تنھنڪري ھن مسيح جي وري جيئري ٿيڻ بابت پيشنگوئي ڪندي ھيئن چيو تہ ’نڪي ھو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم ڳري سڙي ويندو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:31
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آڪاش کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها.


وري هڪڙي زبور ۾ ايشور لاءِ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي پوِتر داس کي ڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘


يقين اٿم تہ تون منهنجي آتما کي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي پوِتر داس کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.


پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيوت ڪيو ويو جيئن پوِتر شاستر ۾ فرمايل آهي.


انهيءَ ڳالهہ جي پوِتر شاستر اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ ايشور غير قومن کي وشواس آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابرهام کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي آسيس ملندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ