Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:14 - Hindu Sindhi Bible

14 پوءِ پطرس ٻين يارهن سنتن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر پطرس انهن يارهن سان گڏ بيهي، وڏي سڏ ڳالهائي چوڻ لڳو، تہ اي يهودي ۽ ٻيا اوهين سڀ جي يروشلم جا رهاڪو آهيو، جيڪي آئون چوان ٿو سو ڪَن ڏيئي ٻُڌو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ پطرس ٻين يارهن رسولن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پوءِ پطرس ٻين يارھن رسولن سان گڏ اٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندي چيائين تہ ”اي يھودي دوستو ۽ ٻيا سڀيئي يروشلم جا رھاڪو! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ يسوع يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي جوتشي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا


پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.


تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڪندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي ايشور ڀڳت غير يهوديؤ! ڪن ڏيئي ٻڌو.


پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


انهن واڪا ڪري ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! مدد ڪريو. هي اهو ماڻهو آهي جيڪو جتي ڪٿي وڃي سڀني ماڻهن کي اسان جي قوم، موسيٰ جي نيم ۽ هن هيڪل جي خلاف سکيا ڏئي ٿو. هاڻي وري هن ڪن غير قوم وارن کي هن پوِتر هيڪل ۾ آڻي ان کي اپوِتر ڪيو آهي.“


پوءِ هن پئنچائت کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين هنن سان جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سوچي سمجھي ڪريو.


تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! منهنجي ٻڌو. وڏي مهانتا وارو ايشور اسان جي وڏي ابرهام تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ