Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:11 - Hindu Sindhi Bible

11 جيڪي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي اهي غير قوم وارا جيڪي يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيل آهن ۽ ڪي ڪريتي ۽ عرب آهن. ان جي باوجود اسين انهن کي پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ ايشور جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اسين انهن کي پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندو ٿا ٻُڌون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيڪي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي اهي غير قوم وارا جيڪي يهودي مذهب ۾ شامل ٿيل آهن ۽ ڪي ڪريتي ۽ عرب آهن. ان جي باوجود اسين انهن کي پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جيڪي ڄائي ڄم جا يھودي توڙي نوان يھودي ٿيل آھن ۽ اسان مان ڪي ڪريتي ۽ عرب آھن تہ بہ اسين انھن کي پنھنجين پنھنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:11
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فروگيا، پمفيليا ۽ مصر جي علائقن وارا ۽ لبيا ۾ ڪريني شهر جي آس‌پاس رهندڙ آهيون. ان کان علاوہ روم کان آيل مسافر،


سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي؟“


جيئن تہ اهو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گھڻن اها صلاح ڏني تہ هتان اڳتي هلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو هلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتي جو بندر آهي ۽ سندس رخ اتر اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ ڏانهن آهي.


جڏهن ڏکڻ جو واءُ آهستي آهستي گھُلڻ لڳو، تڏهن هنن سمجھيو تہ سٺو موقعو آهي. تنهنڪري هو جهاز جا لنگر کڻي ڪريتي جو ڪنارو ڏيئي هليا.


اسين آهستي آهستي سفر ڪري رهيا هئاسين، تنهنڪري ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. نيٺ وڏيءَ مشڪل کان پوءِ ڪندوس شهر جي سامهون پهتاسين. واءُ جي زور ڪري اڳتي وڌي نہ سگھياسين. تنهنڪري اسين سلمونيءَ جي اڳيان لنگھي ڪريتي ٻيٽ جي آڙ وٺي هلڻ لڳاسين


پوِتر آتما ڪنهن کي چمتڪار ڪرڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان ٿي بخشي. ڪنهن کي سچين ۽ ڪوڙين آتمائن کي سڃاڻڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿي.


ايشور منڊليءَ ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ٻيا ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ٽيان سکيا ڏيندڙ، پوءِ چمتڪار ڪندڙ، پوءِ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.


نڪي آءٌ يروشلم ۾ انهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي مقرر ٿيل هئا. پر آءٌ هڪدم عربستان ڏانهن هليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شهر ۾ آيس.


جيئن تہ هاجرہ سينا جبل جي مثل آهي، سو ان جي ڀيٽ هاڻوڪي يروشلم شهر سان ڪري سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اها وسندي پنهنجي ٻارن يعني رهاڪن سميت نيم جي غلاميءَ ۾ آهي.


ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“


مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي وشواسي منڊليءَ ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين.


ايشور بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي چمتڪارن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پوِتر آتما جا وردان ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ مڪتيءَ جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ