Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 2:1 - Hindu Sindhi Bible

1 جڏهن پنتيڪُست جي تهوار جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي وشواسي اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن پنتيڪوست (يا پنجاهون) ڏينهن آيو، تڏهن سڀ هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن عيد پنتيڪُست جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي ايمان وارا اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن عيد پنتيڪُست جو ڏينھن آيو تڏھن سڀيئي ايمان وارا اچي ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 2:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل وچن موجب پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.“


پر جڏهن پوِتر آتما اوهان تي پرگھٽ ٿيندي، تڏهن اوهان کي شڪتي ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا.


پولس فيصلو ڪيو هو تہ هو اِفسس شهر جي ٻاهران ٻاهران هليو وڃي، تہ جيئن آسيا صوبي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انهيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو تهوار يروشلم ۾ وڃي ملهائي.


جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو رچنا ڪندڙ آهين.


جڏهن انهن پرارٿنا پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت ايشور جو سنديش بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.


مسيح تي وشواس رکندڙ سڀيئي تن ۽ من سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا.


خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ماڻهن ۾ ڪيترائي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي وشواسي هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا.


انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان ايشور جي مهما ڪريو، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.


في‌الحال پنتيڪُست جي تهوار تائين آءٌ هتي اِفسس ۾ رهندس،


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجو روزانو جيون مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پوِتر آتما ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي وشواس وڌندو رهي.


تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙو پريم رکو، هڪ جان ٿيو ۽ هم‌خيال رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ