Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:9 - Hindu Sindhi Bible

9 پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي وشواس نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو پرڀو يسوع جي انهيءَ رستي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ وشواسين کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر جڏهن ڪن سخت دل ٿي نہ مڃيو، ۽ ماڻهن جي اڳيان انهي طريقي جي گلا ڪرڻ لڳا، تڏهن هن کانئن پاسو ڪيو، ۽ شاگردن کي بہ ڌار ڪيائين، ۽ هر روز ترونس جي مدرسي ۾ بحث ڪندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي ايمان نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو خداوند عيسيٰ جي انهيءَ رستي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ ايمان وارن کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:9
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ ڀَٽڪيل آهن جو مون کان ايشور طرفان نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.


پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.


”مون ايشور انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“


جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.


پر شهر جي ماڻهن ۾ ڦوٽ پئجي ويئي ۽ انهن مان ڪي يهودين جي طرف تہ ڪي انهن پرچارين جي طرف ٿي ويا.


انهن مان ڪن يهودين، ايشور ڀڳت يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ نارين بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.


انهن ڏينهن ۾ اِفسس ۾ پرڀو يسوع وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل هئي.


پولس جي مرضي هئي تہ هو اوڏانهن وڃي، پر وشواسين وڃڻ نہ ڏنس.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي.


انهيءَ ڪري آءٌ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن ڪيترن ئي مردن توڙي نارين کي ٻڌرائي جيلن ۾ وجھرائيندو هئس. مون کين ايتري قدر ستايو جو ڪن کي مارائي بہ ڇڏيو هو.


سواءِ هن ڏوهہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيهي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوهين مون تي انهيءَ ڪري ڪيس ٿا هلايو، جو مون چيو آهي تہ مئل وري جيوت ٿي اٿندا.‘“


سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن پنٿ سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن پنٿ جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو.


۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي يسوع واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي ناري ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو،


مطلب تہ ايشور جنهن تي ديا ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي ديا ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.


ڇاڪاڻ تہ مون کي هتي اثرائتي ڪم ڪرڻ جو وڏو موقعو مليو آهي، توڙي جو مخالف بہ گھڻا ئي آهن.


عقل کان بگڙيل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ سدائين اڻ‌بڻت پيدا ٿيندي ٿي رهي. اهي سچ کان محروم آهن ۽ ڌرمچاريءَ کي مالي فائدي حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجھن ٿا.


تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ وشواسي مون کان منهن موڙي ويا آهن.


اهي ڌرمچاريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.


تون مسيح بابت سنديش جو پرچار ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري ڌيرج سان ماڻهن کي سکيا ڏيندي کين سمجھاءِ، ڇينڀ ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


پر جيستائين ايشور جو آواز ٻڌڻ وارو اهو ”اڄ“ جو ڏينهن جاري آهي، تيستائين اوهين هر روز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اوهان مان ڪو پاپ جي فريب ۾ اچي سخت دل ٿي پوي.


انهن ڪوڙي سکيا ڏيندڙن جي فطرت بي‌عقل جانورن وانگر آهي، جيڪي رڳو پڪڙجڻ ۽ ناس ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. اهي ماڻهو جن ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهن تن جي باري ۾ گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين. جانورن وانگر اهي بہ ناس ٿي ويندا.


ڪيترائي ماڻهو انهن جي شهوت‌پرستيءَ جي پٺيان لڳندا، جن جي ڪري حق جي راهہ جي بدنامي ٿيندي.


پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بي‌عقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ