Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:38 - Hindu Sindhi Bible

38 تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 تنهنڪري دميتريس، ۽ ٻيا جيڪي سندس ڌنڌي وارا ساڻس گڏ آهن، تن کي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ عدالت کُليل آهي ۽ حاڪم ويٺا آهن؛ ڀلي تہ وڃي مقدمو ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 تنھنڪري دميتريس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏھن ڪا دعويٰ ڪرڻي آھي تہ ڪورٽ کلي پيئي آھي ۽ جج ويٺا آھن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:38
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ٻيٽ جي رومي گورنر سرگيس پولس، جيڪو هڪڙو ذهين شخص هو تنهن جو درٻاري هو. انهيءَ گورنر برنباس ۽ سائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي انهيءَ سنديش کي ٻڌڻ لاءِ سندس دل پئي چاهيو.


ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ نہ، پر غير وشواسين جي عدالت ۾ وڃي ٿو.


پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.


پر بريسوع عرف اليماس، جنهن جي معنيٰ آهي ”جادوگر،“ تنهن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي تہ جيئن گورنر مسيح تي وشواس نہ آڻي.


جڏهن گورنر هي حال ڏٺو تہ پرڀو يسوع بابت سکيا تي حيران ٿي ويو ۽ مٿس وشواس آندائين.


ديميتريُس نالي هڪڙو سونارو ارتمس ديويءَ جا چانديءَ جا ننڍڙا مندر ٺاهيندو هو. هن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو هوندو هو.


پر جيڪڏهن اوهان کي ڪن ٻين ڳالهين جي صفائي وٺڻي آهي تہ انهيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ