Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:24 - Hindu Sindhi Bible

24 ديميتريُس نالي هڪڙو سونارو ارتمس ديويءَ جا چانديءَ جا ننڍڙا مندر ٺاهيندو هو. هن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو هوندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ڇالاءِ جو هڪڙو ماڻهو دميتريس نالي سونارو، جو ارتمس ديوي جا ننڍڙا روپا مندر جوڙيندو هو، سو انهي ڌنڌي وارن لاءِ گهڻوئي ڪم ڪڍي وجهندو هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ديميتريُس نالي هڪڙو سونارو ارتمس ديويءَ جا چانديءَ جا ننڍڙا مندر ٺاهيندو هو. هن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو هوندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 دميتريس نالي ھڪڙو سونارو ارتميس ديويءَ جا ننڍڙا چانديءَ جا مندر ٺاھيندو ھو. ھن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو ھوندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:24
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن جيئن اسين ڀڳتيءَ واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڪنيا ملي جنهن ۾ ڳجھا ڀيد ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي.


جڏهن ڪنيا جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا.


سو هن انهن ڪاريگرن ۽ اهڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻو ٿا تہ هن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رهيو آهي.


تنهنڪري ديميتريُس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪرڻي آهي تہ ڪورٽ کُلي پيئي آهي ۽ جج ويٺا آهن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ