Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 19:16 - Hindu Sindhi Bible

16 پوءِ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، تنهن سٽ ڏيئي کين سوگھو ڪيو ۽ ڌڪ هڻي ڪپڙا ڦاڙي لاٿائين. تڏهن اهي سڀيئي زخمي ٿي انهيءَ گھر مان وٺي ڀڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، سو ٽپو ڏيئي وڃي مٿن پيو، ۽ ٻنهي کي قابو ڪري مٿن اهڙو غالب پيو جو هو اُگهاڙا ٿي ڦٽجي نڪري اُٿي ڀڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ جنهن شخص ۾ ڀوت هو، تنهن سٽ ڏيئي کين سوگھو ڪيو ۽ ڌڪ هڻي ڪپڙا ڦاڙي لاٿائين. تڏهن اهي سڀيئي زخمي ٿي انهيءَ گھر مان وٺي ڀڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 پوءِ جنھن شخص ۾ ڀوت ھو، تنھن ٽپو ڏيئي وڃي سوگھو ڪين ۽ اھڙو سوگھو ڪيائين جو ھو سڀيئي ڪپڙا ڦاڙائي ۽ ڌڪ کائي انھيءَ گھر مان وٺي ڀڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 19:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.


هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو.


تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ يسوع وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ يسوع جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو.


ڀوت وراڻين تہ ”يسوع کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوهين ڪير آهيو؟“


اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين پرڀو يسوع جي نالي جي مهانتا ٿيڻ لڳي.


هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ هو گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ ايشور جي مهما ڪندو انهن سان گڏ هيڪل ۾ ويو.


هو انهن کي آزاديءَ جو وچن ڏين ٿا، جڏهن تہ پاڻ تباهيءَ واري بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ياد رکو، جيڪا شيءِ انسان تي حاوي ٿئي ٿي تنهن جو انسان غلام بڻجي وڃي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ