Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:25 - Hindu Sindhi Bible

25 جيئن تہ هن پرڀو يسوع واري رستي تي هلڻ جي سکيا حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان يسوع جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ يسوع بابت صحيح سکيا ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يوحنا واري بپتسما جي ڄاڻ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 هن ماڻهوءَ کي خداوند جي واٽ جي تعليم ملي هئي، ۽ روحاني جوش بہ هوندو هوس، تنهنڪري جي ڳالهيون يسوع جي بابت آهن، تن جي صحيح صحيح تعليم ڏيندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو؛ پر رڳو يوحنا جي بپتسما جي خبر هيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 جيئن تہ هن خداوند عيسيٰ واري رستي تي هلڻ جي تعليم حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان عيسيٰ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ عيسيٰ بابت صحيح تعليم ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:25
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ ’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو، هن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“


اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“


آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالهين جي اوهان کي سکيا ڏني ويئي آهي، تن جي سچائيءَ جي اوهان کي پوري ڄاڻ پوي.


سڀني ماڻهن اهو ٻڌو. جڏهن تہ اڳ ۾ ئي انهن مان عام ماڻهن، بلڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن پڻ يوحنا کان بپتسما وٺي ايشور کي سچار ڪري مڃيو هو.


۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون پرميشور جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟


هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو مهان ايشور جا داس آهن، جيڪي اوهان کي مڪتيءَ جو رستو ٿا ٻڌائين.“


هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ بي‌ڊپو ٿي ڳالهائڻ لڳو. جڏهن پرسڪلا ۽ اڪولا هن جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس مسيح بابت ايشور واري رستي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.


انهن ڏينهن ۾ اِفسس ۾ پرڀو يسوع وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل هئي.


پولس پڇين تہ ”پوءِ اوهان ڪهڙي بپتسما ورتي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”يوحنا واري بپتسما.“


پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي وشواس نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو پرڀو يسوع جي انهيءَ رستي خلاف نندا ڪرڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ وشواسين کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.


۽ وينتي ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي يسوع واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي ناري ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو.


ڪوبہ سپاهي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ دوران پاڻ کي سنسار جي معاملن ۾ نہ ٿو ڦاسائي، انهيءَ لاءِ تہ جنهن آفيسر کيس ڀرتي ڪيو آهي تنهن کي خوش ڪري.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ