Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 18:14 - Hindu Sindhi Bible

14 پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر جڏهن پولس ڳالهائڻ تي هو، تڏهن گليو يهودين کي چيو، تہ اي يهودي قوم، جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستي يا وڏي برائيءَ جي ڳالهہ هجي ها، تہ پوءِ واجبي آهي تہ آئون صبر ڪري اوهان جي ٻُڌان:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پولس ڳالهائڻ تي هو، پر گورنر گَليوءَ يهودين کي چيو تہ ”اي يهودي قوم وارؤ! جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي ڏوهہ جي ڳالهہ هجي ها تہ پوءِ واجب هو جو آءٌ صبر سان اوهان جي ڳالهہ ٻڌان ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پولس ڳالھائڻ تي ھو، پر گورنر گليوءَ يھودين کي چيو تہ ”اي يھودي قوم! جيڪڏھن اھا ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي بڇڙي ڳالھہ ھجي ھا تہ پوءِ واجبي ھو تہ آءٌ صبر سان اوھان جي ڳالھہ ٻڌان ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 18:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع چين تہ ”اي بي‌وشواس قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“


۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون پرميشور جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟


۽ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رهيو.


پولس جواب ۾ چيس تہ ”آءٌ هڪ يهودي آهيان ۽ ڪلڪيا صوبي جي مشهور شهر ترسس جو ويٺل آهيان. منهنجي وينتي آهي تہ مهرباني ڪري مون کي آگيا ڏيو تہ آءٌ ماڻهن سان ڳالهايان.“


جيڪڏهن آءٌ ڏوهاري آهيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آهي. پر جن ڳالهين جي اهي مون تي تهمت هڻن ٿا، سي سچيون ڪين آهن. پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق نہ آهي تہ هو مون کي انهن جي حوالي ڪري. تنهنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“


پر هن بابت ڪابہ پڪي ڄاڻ نہ آهي، جيڪا آءٌ قيصر ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان سڀني جي اڳيان ۽ خاص ڪري اي راجا اگرپا! اوهان جي اڳيان حاضر ڪيو اٿم. سو اوهين هن ڪيس جي جاچ ڪريو تہ جيئن آءٌ ڪجھہ لکي سگھان.


چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انهن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏهن اوهين حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿا گھرو، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪريو تہ هو اوهان جي نيڪي ڪندو،


ڪاش! اوهين منهنجي ٿورڙي مورکتا کي برداشت ڪري سگھو. هائو، ضرور برداشت ڪريو.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو جو اوهين خوشيءَ سان هر انهيءَ کي برداشت ڪريو ٿا جيڪو اوهان وٽ اچي يسوع جي باري ۾ ڪو ٻيو پرچار ڪري ٿو، جيڪو پرچار اسان نہ ڪيو هو. ان کان علاوہ اوهين مليل پوِتر آتما جي بدران ٻي آتما قبول ڪريو ٿا ۽ مليل خوشخبريءَ جي بدران ٻي خوشخبري قبول ڪريو ٿا.


هو جاهلن ۽ ٺڳجي ويندڙن سان نرميءَ واري هلت ڪري ٿو، ڇو تہ هو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ ڦاٿل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ