Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:34 - Hindu Sindhi Bible

34 پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندائون. انهن ۾ اريوپگس پئنچائت جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسي‌يس هو، دمرس نالي هڪڙي ناري ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پر ڪي ماڻهو ساڻس وڃي گڏيا، ۽ ايمان آندائون: منجهن ديونوسوس، جو اريوپگس جو هڪڙو مشير هو، ۽ هڪڙي زال دمرس نالي هئي، ۽ ٻيا بہ ساڻن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندائون. انهن ۾ اريوپگس ڪائونسل جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسي‌يس هو، دمرس نالي هڪڙي عورت ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 پر ڪي ماڻھو ساڻس اچي گڏيا ۽ ايمان آندائون. انھن مان ھڪڙو ديونيسيُس نالي ھو، جيڪو اريوپگس ڪائونسل جو ميمبر ھو ۽ ھڪڙي عورت دمرس نالي ھئي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:34
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“


جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پرميشور جي انهيءَ سنديش جي مهما ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي ايشور امر جيون لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني يسوع مسيح تي وشواس آندو.


سو هو کيس اريوپگس نالي هڪڙي جاءِ تي شهر جي پئنچائت وٽ وٺي آيا، جن چيس تہ ”اسان کي سمجھاءِ تہ هي ڪهڙي نئين سکيا آهي جيڪا تون ڏيئي رهيو آهين؟


تڏهن پولس پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رهاڪؤ! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوهين هر ڳالهہ ۾ پنهنجي ديوتائن جي ڏاڍي وس هيٺ آهيو،


تڏهن پولس پئنچائت مان هليو ويو.


انهن مان ڪن يهودين، ايشور ڀڳت يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ نارين بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.


مسيح ۾ سمورا چونڊي پوِتر ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي نمسڪار ٿا چون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ