Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:28 - Hindu Sindhi Bible

28 ۽ اسين منجھس ئي جيوت رهون ۽ هلون چلون ٿا، بلڪ اسان جي هستي انهيءَ جي ڪري آهي. اوهان جي شاعرن مان بہ ڪن ائين چيو آهي تہ ’اسين تہ ايشور جو اولاد آهيون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ڇو جو منجهس ئي اسين جيئون ۽ هلون چلون ٿا، ۽ اسان جي هستي بہ منجهس ئي آهي؛ جيئن تہ خود اوهانجن شاعرن مان بہ ڪن چيو آهي، تہ اسين انهي جو اولاد آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 ۽ اسين منجھس ئي جيئرا رهون ۽ هلون چلون ٿا، بلڪ اسان جي هستي انهيءَ جي ڪري آهي. اوهان جي شاعرن مان بہ ڪن ائين چيو آهي تہ ’اسين تہ خدا جو اولاد آهيون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ۽ اسين منجھس ئي جيئون ۽ ھلون چلون ٿا ۽ اسان جي ھستي بہ انھيءَ جي ڪري آھي. جيئن تہ اوھان جي ڪن شاعرن بہ ائين چيو آھي تہ ’اسين بہ خدا جو اولاد آھيون.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:28
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي پرميشور مئلن جو نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي، ڇاڪاڻ تہ هن جي آڏو سڀيئي جيوت آهن.“


قينان پٽ انوس جو، انوس پٽ سيت جو، سيت پٽ آدم جو ۽ آدم ايشور جو پٽ هو.


يسوع کيس چيو تہ ”قيامت ۽ جيون تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ جيوت رهندو


هائو، جيئن پتا جيون جو بنياد آهي، تيئن هن پنهنجي پٽ کي بہ جيون جو بنياد بڻايو آهي.


اهو ئي سڀني شين کان اڳي موجود آهي ۽ هن ۾ ئي سڀ شيون ترتيب سان قائم رهن ٿيون.


ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“


اهو پٽ ايشور جي جوت جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي شڪتيءَ واري وچن سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي پاپن کان ڌوئي پوِتر ڪرڻ بعد مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


ڏسو، اسان جا سنساري پتا اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جو مان‌سمان ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آڪاشي پتا يعني ايشور جي ڇو نہ وڌيڪ آگيا مڃون تہ جيئن جيوت رهون؟


هاڻ جيئن تہ پوِتر ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني يسوع جو ۽ پوِتر ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پتا هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري يسوع انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ