Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:24 - Hindu Sindhi Bible

24 جنهن ايشور سڄو سنسار ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو ڌرتيءَ ۽ آڪاش جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 جنهن خدا سڄو جهان ۽ جيڪي شيون منجھس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اهو هٿن جي ٺهيل مندرن ۾ نہ ٿو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جنھن خدا سارو جھان ۽ جيڪي شيون منجھس آھن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آھن، سو آسمان ۽ زمين جو مالڪ ھوندي ھٿن جي ٺھيل مندرن ۾ نہ ٿو رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:24
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوهين نہ آڪاش جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو ايشور جو تخت آهي،


انهيءَ وقت يسوع پوِتر آتما جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


سنسار جي شروعات کان اڳي ئي وچن موجود هو، وچن ايشور سان هو ۽ وچن ايشور هو.


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيوت ايشور کي مڃو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو رچنا ڪندڙ آهين.


تنهن هوندي بہ مهان ايشور هٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رهي، جيئن هو سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت فرمائي ٿو تہ ’آڪاش منهنجو تخت آهي ۽ ڌرتي منهنجي پيرن جي صندلي آهي. سو اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر اڏيندا، يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاهيندا؟


ايشور جون جيڪي ڳالهيون انسان ڄاڻي سگھي ٿو، سي سندن لاءِ صاف ظاهر آهن. ايشور پاڻ انهن تي اهي ظاهر ڪيون آهن.


پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


بيشڪ هر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ هوندو آهي، پر جنهن سڀ ڪجھہ جوڙيو آهي سو ايشور ئي آهي.


پوءِ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري ڌرتي ۽ آڪاش گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ