Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:23 - Hindu Sindhi Bible

23 جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي ڀڳتيءَ وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون ٻليدان واري هڪڙي جاءِ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’اڻڄاتل ديوتا جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي ڀڳتي ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ڇالاءِ جو مون گهُمندي گهُمندي اوهان جي عبادت جي شين تي غور ڪيو، تہ هڪڙي قربانگاهہ ڏٺيم جنهن تي لکيل هو، ”نامعلوم خدا جي لاءِ.“ سو جنهن جي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کانسواءِ اوهين عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جيڪو مون گھمندي گھمندي اوهان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آهي. مون هڪڙي قربان‌گاهہ ڏٺي جنهن تي لکيل هو تہ ’نامعلوم معبود جي لاءِ.‘ سو اوهين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنهن جي عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي ئي آءٌ اوهان کي خبر ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 ڇالاءِ⁠جو مون گھمندي گھمندي اوھان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آھي. ھڪڙي قربان⁠گاھہ ڏٺم جنھن تي لکيل ھو تہ ’نامعلوم خدا جي لاءِ.‘ سو اوھين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنھن جي عبادت ٿا ڪريو، تنھن جي ئي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:23
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“


اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


اوهين سامري انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي ڀڳتي ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي مڪتي آهي.


يسوع وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مهما ڪريان تہ منهنجي مهما ڪا معنيٰ نہ ٿي رکي. پر جيڪو منهنجي مهما ڪري ٿو سو منهنجو پتا آهي، جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ ’اهو اسان جو ايشور آهي.‘


ايشور جهالت وارن زمانن کي نظرانداز ڪندي هاڻي سڀني ماڻهن کي هر هنڌ اهو حڪم ٿو ڏئي تہ هو توبهہ ڪن،


جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.


جيتوڻيڪ ڌرتيءَ ۽ آڪاش جي گھڻين ئي شين کي ايشور ۽ پرڀو سڏيو وڃي ٿو ۽ اهڙن گھڻن ئي ديوتائن جي پوجا بہ ڪئي وڃي ٿي،


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي منڊليءَ کان ٻاهر ۽ ايشور جي ٻڌل وچنن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن سنسار ۾ ايشور کان جدا ۽ نااميديءَ وارو جيون گذاريندا هئا.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي ڀڳوان يا ديوتا ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو ايشور جي پوِتر گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”ايشور آءٌ آهيان.“


هاڻي شل امر راجا يعني ابناسي، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ هڪڙي ئي ايشور جو مان‌سمان ۽ مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ