Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 17:13 - Hindu Sindhi Bible

13 جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ سنديش جو پرچار ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن ٿِسلُنيڪي جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ انهيءَ پيغام جي تبليغ ڪري رهيو آهي، تڏهن هنن اتي بہ اچي ماڻهن کي ڀڙڪايو ۽ انهن ۾ گوڙ مچايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پر جڏھن ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪري رھيو آھي، تڏھن ھنن اتي بہ وڃي ماڻھن کي ڀريو ۽ منجھن گوڙ مچايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 17:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين آڪاش جي راڄ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


ڇا اوهين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان؟ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان.


پر خوشخبريءَ کي رد ڪندڙ يهودين غير قوم وارن کي ڀڙڪايو ۽ انهن جي جذبات کي وشواسين جي خلاف ڪيائون.


تڏهن پولس ۽ سيلاس امفپلس ۽ اپلونيا شهرن مان لنگھي ٿِسلُنيڪي ۾ آيا، جتي يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ هئي.


تنهن تي وشواسين هڪدم پولس ۽ سيلاس کي راتوواهہ بيريا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو اتي پهتا تہ يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويا.


پر گھڻن يهودين کي ساڙ ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


آسيا صوبي تائين پولس سان گڏ سفر ڪرڻ وارا ساٿي هي هئا: بيريا واري پُرس جو پٽ سوپترس، ٿِسلُنيڪي وارن مان ارسترخس ۽ سڪندُس، دربيءَ وارو گيُس، آسيا صوبي وارن تخڪُس ۽ تروفيمس کان علاوہ تيمٿيس پڻ.


جڏهن پوِتر ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.


اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون.


آءٌ گھڻا ئي دفعا مسافري ڪندي خطرن ۾ رهيو آهيان، يعني دريائن جي خطرن ۾، ڌاڙيلن جي خطرن ۾، پنهنجي قوم جي خطرن ۾، غير قومن جي خطرن ۾، شهر جي خطرن ۾، بيابان جي خطرن ۾، سمنڊ جي خطرن ۾ ۽ ڪوڙن وشواسين جي خطرن ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ