Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:22 - Hindu Sindhi Bible

22 عام خلق بہ هڪ راءِ ٿي انهن ٻنهي تي حملو ڪرڻ لڳي. جڏهن تہ اعليٰ عملدارن هنن جا ڪپڙا ڦاڙي لهرايا ۽ کين چهبڪ هڻڻ جو حڪم ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 سو خلق بہ گڏجي مٿن ڪاهي آئي؛ ۽ عملدارن سندن ڪپڙا ڦاڙي لاهي حڪم ڏنو، تہ ڦٽڪا هڻون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 عام خلق بہ هڪ راءِ ٿي انهن ٻنهي تي حملو ڪرڻ لڳي. جڏهن تہ اعليٰ عملدارن هنن جا ڪپڙا ڦاڙي لهرايا ۽ کين چهبڪ هڻڻ جو حڪم ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 تنھن تي خلق اچي گڏ ٿي ۽ انھن شاھدن جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي. عملدارن حڪم ڏنو تہ ”ھنن جا ڪپڙا ڦاڙي لاھيو ۽ کين جسم تي چھبڪ ھڻو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوشيار ٿجو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ وٺي ويندا ۽ پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.


پوءِ پلاطس برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ يسوع کي ڪوڙا هڻي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


جڏهن بہ ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏهن ڳڻتي نہ ڪجو تہ ’ڪيئن ۽ ڪهڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون،‘


پر پولس سپاهين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آهيون، تن کي هنن بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي عام خلق جي اڳيان چهبڪ هڻائي جيل ۾ وڌو آهي ۽ هاڻي هو چپ چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائڻ چاهين ڇا؟ ائين ڪڏهن بہ نہ ٿيندو. انهن کي چئو تہ اهي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاهر وٺي هلن.“


پر گھڻن يهودين کي ساڙ ٿيو، سو انهن ڪي بازاري لوفر وٺي هڪ ٽولو ٺاهيو، جن سڄو شهر مٿي تي کنيو. انهن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو، تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاهر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.


پر جڏهن گَليو نالي هڪ شخص يونان جي صوبي اخيا جو گورنر بڻيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي گورنر جي درٻار ۾ وٺي آيا.


تنهن هوندي بہ هنن سنتن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏين.


چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان جو اپمان ڪيو ويو. پر ايشور اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.


ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.


هو پاڻ اسان جا پاپ پنهنجي شرير تي کڻي سوليءَ تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاپن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيوت رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ