Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 16:16 - Hindu Sindhi Bible

16 هڪڙي ڏينهن جيئن اسين ڀڳتيءَ واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڪنيا ملي جنهن ۾ ڳجھا ڀيد ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن اسين اُنهيءَ دعا گهُرڻ واري جاءِ ڏانهن پئي وياسين، تيئن اسان کي هڪڙي ٻانهي گَڏِي، جنهن ۾ غيب دان ڀوت هوندو هو، سا اڳڪٿيون ڪري پنهنجي ڌڻين کي گهڻو ئي ڪمائي ڏيندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هڪڙي ڏينهن جيئن اسين عبادت واري انهيءَ جاءِ ڏانهن پئي وياسين تہ اسان کي هڪڙي غلام ڇوڪري ملي جنهن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ماڻهن کي سندن قسمت جو حال ٻڌائي پنهنجي مالڪن کي ڪيترائي پئسا ڪمائي ڏيندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ھڪڙي ڏينھن جيئن اسين عبادت ڪرڻ واري جاءِ ڏانھن پئي وياسين تہ اسان ھڪڙي ٻانھي ڇوڪري ڏٺي جنھن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ اڳڪٿيون ڪندي ھئي ۽ ماڻھن کي سندن قسمت ٻڌائي پنھنجي مالڪن کي ڪيترائي پيسا ڪمائي ڏيندي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 16:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سبت جي ڏينهن اسين شهر جي دروازي کان ٻاهر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جو سمجھيوسين تہ يهودي اتي ڀڳتيءَ لاءِ گڏ ٿيندا هوندا. اتي اسين انهن نارين سان ويهي گفتگو ڪرڻ لڳاسين جيڪي اچي گڏ ٿيون هيون.


ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنيا ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي يسوع مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڪنيا مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڪنيا مان نڪري ويو.


جڏهن ڪنيا جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏهن هنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين گهلي شهر جي چونڪ تي رومي عملدارن وٽ وٺي ويا.


ديميتريُس نالي هڪڙو سونارو ارتمس ديويءَ جا چانديءَ جا ننڍڙا مندر ٺاهيندو هو. هن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو هوندو هو.


بتن جي پوجا، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، ساڙ، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي،


ياد رکو، پئسي سان پيار رکڻ هر قسم جي برائيءَ جي پاڙ آهي. ڪي ماڻهو دولت جي خواهش ۾ پئجي وشواس کان ڀَٽڪي ويا آهن ۽ پاڻ کي طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڪوڙي ڇڏيو اٿائون.


جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس جادوگرن موسيٰ جي مخالفت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. هي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ وشواس جي لحاظ کان رد ٿيل آهن.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي ايشور سندن خلاف فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ