Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:6 - Hindu Sindhi Bible

6 تڏهن سنت ۽ منڊليءَ جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پوءِ رسول ۽ بزرگ انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن رسول ۽ ڪليسيا جا ٻيا اڳواڻ گڏجي هن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ جتي بہ ٻہ ٽي ڄڻا منهنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انهن سان شامل آهيان.“


سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي منڊليءَ جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


پولس ۽ برنباس هنن سان سخت بحث ڪيو. سو اهو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻهو هن معاملي بابت يروشلم ڏانهن وڃي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ منڊليءَ جي اڳواڻن کان پڇن.


پوءِ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ اڳواڻن سميت سڄي منڊليءَ اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انطاڪيا ڏانهن موڪلجن. انهيءَ لاءِ هنن يهوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو، جن جو وشواسين ۾ وڏو مان هو.


تنهنڪري اسان پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿي اهو مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻهو چونڊي پنهنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون.


جڏهن هو يروشلم ۾ پهتا تہ منڊليءَ وارن پنهنجن اڳواڻن ۽ اتي موجود سنتن سميت سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اتي پولس ۽ برنباس اهو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايو جيڪو ايشور هنن جي وسيلي ڪيو هو.


هو جن جن شهرن مان لنگھندا ويا، اتان جي وشواسي منڊلين کي يروشلم جي سنتن ۽ اڳواڻن جا اهي فيصلا ٻڌائيندا ويا جن مطابق کين جيون گذارڻو هو.


ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي وشواسي منڊليءَ جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا.


تنهنڪري ٻارهن سنتن سڀني وشواسين کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڇڏي ڏيون.


اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي آتمڪ فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ ايشور وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهن پنهنجو جيون جيڪو ڀلائي ڪندي گذاريو، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي وشواس جي نموني موجب هلو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ