Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 15:21 - Hindu Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي نيم جو پرچار ڪيو ويندو آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي نيم جون اهي ڳالهيون يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پراڻي زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي شريعت جي منادي ڪئي ويندي آهي ۽ هر سبت جي ڏينهن تي شريعت جون اهي ڳالهيون يهودين جي عبادت‌خانن ۾ پڙهي ٻڌايون وينديون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادت⁠خانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 15:21
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي ابرهام وراڻيس تہ ’انهن وٽ موسيٰ جو نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جون لکتون تہ موجود آهن، هو اهي ٻڌي سگھن ٿا.‘


پوءِ هو پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي هئي. سبت جي ڏينهن تي پنهنجي دستور موجب هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ ويو ۽ پوِتر شاستر پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو.


جڏهن اتي نيم شاستر ۽ پوِتر شاستر جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن ڀڳتيءَ وارين جاين جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“


پر يروشلم جي رهاڪن ۽ سندن اڳواڻن يسوع کي نہ سڃاتو ۽ نہ وري هنن سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن کي سمجھيو، جيڪي هر سبت جي ڏينهن تي پوِتر شاستر مان پڙهيون وينديون آهن. اٽلندو مٿس موت جو فيصلو ڏيئي ڇڏيائون. اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنتن جون لکتون سچيون ثابت ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ