Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 14:9 - Hindu Sindhi Bible

9 جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس يسوع مسيح تي ايترو وشواس آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس عيسيٰ مسيح تي ايترو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 14:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اتي گھڻا چمتڪار نہ ڪيا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي مٿس وشواس ئي ڪونہ هو.


تنهن تي يسوع چيس تہ ”اي مائي! تون تہ وڏو وشواس رکين ٿي. تون جيڪو گھرين ٿي سو ئي تو لاءِ ٿئي.“ انهيءَ وقت ئي سندس ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو وشواس مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.


تڏهن يسوع ڦري انهيءَ ناريءَ کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها ناري چڱي ڀلي ٿي پيئي.


يسوع چيس تہ ”وڃ، تنهنجي وشواس تو کي سڄو ڪيو آهي.“ تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ يسوع جي پٺيان رستو وٺي هليو.


يسوع انهن جو ايڏو وشواس ڏسي انهيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ! تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“


تنهن تي يسوع وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو.


هن دوت ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سوامي؟“ دوت چيس تہ ”ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ۽ دان قبول ڪيا آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


تنهن تي انهن هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانهن نهار.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ