Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 14:22 - Hindu Sindhi Bible

22 هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 14:22
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي، سو منهنجي لائق نہ آهي.


پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي.


آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“


تہ ان کي هن ئي انتم زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتائون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس امر جيون بہ ملندو.


ساڳيءَ طرح جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان نرڳ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿئين.


ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


”جيڪڏهن سنسار اوهان کان نفرت ڪري ٿو تہ اوهان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انهيءَ پهريائين مون کان بہ نفرت ڪئي هئي.


مون اوهان کي اڳ ۾ جيڪي ٻڌايو آهي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنهنجي مالڪ کان وڏو نہ آهي. سو جيئن ماڻهن مون کي ستايو آهي تيئن اوهان کي بہ ستائيندا. جيئن ڪن منهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي تيئن اوهان جي ڳالهين تي بہ عمل ڪندا.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي شانتي ملي. سنسار ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون سنسار تي سوڀ حاصل ڪئي آهي.“


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پوِتر آتما مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پوِتر آتما ۽ وشواس سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ ايشور ڪيئن نہ مٿن ڪرپا ڪئي آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”پرڀو يسوع سان تن ۽ من سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو پرڀو يسوع تي وشواس آڻي منڊليءَ ۾ شامل ٿي ويا.


جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.


اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين.


گڏجاڻي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل ڌرمچاري انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”ايشور جي انهيءَ ڪرپا تي قائم رهندا اچو.“


پر جڏهن وشواسي چوڌاري مڙي آيس تہ هو اُٿي بيٺو ۽ شهر ڏانهن موٽي ويو. ٻئي ڏينهن تي هو برنباس سان گڏجي دربيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو.


پوءِ هو اتي وشواسين وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا.


يهوداہ ۽ سيلاس جيڪي پاڻ بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هئا، تن گھڻيون نصيحتون ڪري انهن وشواسين کي همتايو ۽ سندن وشواس مضبوط ڪيو.


پولس شام ۽ ڪلڪيا جي صوبن مان ٿيندو اتي جي منڊلين کي وشواس ۾ مضبوط ڪندو اڳتي ويو.


انطاڪيا ۾ ڪجھہ عرصو رهڻ کان پوءِ پولس اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو پرڀو يسوع جي سڀني پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪندو ويو.


اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ وشواسين جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ يسوع مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.


آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني ايشور جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جوت ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


اسان جو پرڀو يسوع مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين وشواس ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو.


ڇاڪاڻ تہ مسيح جي خاطر اوهان تي اها ڪرپا ٿي آهي تہ نہ رڳو مٿس وشواس رکو، بلڪ هن جي لاءِ تڪليفون بہ سهو.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي ايشور پتا جي آڏو اوهين پوِتر ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


حقيقت ۾ جيڪي بہ يسوع مسيح ۾ ڌرمچاريءَ سان جيون گذارڻ چاهين ٿا، سي سڀ ستايا ويندا.


انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي ايشور اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِ‌قدم تي هلندا رهو.


هاڻي ايشور، جيڪو هر طرح جي ڪرپا جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي امر جوت ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


اوهين وشواس تي قائم رهي سندس مقابلو ڪريو. اها ڳالهہ نہ وساريو تہ اوهان جا وشواسي ڀائر ڀينر جيڪي سڄي سنسار ۾ آهن، سي بہ اهڙين ئي تڪليفن ۾ پيا گذارين.


بلڪ اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي امر راڄ ۾ وڏي خوشيءَ سان داخل ڪيا ويندا.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ مڪتيءَ جي باري ۾ لکڻ لاءِ تمام گھڻو سرگرم آهيان، جنهن ۾ اسين سڀ شريڪ آهيون. پر مون پهريائين اهو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوهان کي تاڪيد ڪريان تہ انهيءَ وشواس تي قائم رهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪريو، جيڪو ايشور هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن کي سونپيو آهي.


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ شيطان آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين وشواس تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي جيون جو تاج پارائيندس.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سوامي! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پوِتر ڪري اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ