Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 14:20 - Hindu Sindhi Bible

20 پر جڏهن وشواسي چوڌاري مڙي آيس تہ هو اُٿي بيٺو ۽ شهر ڏانهن موٽي ويو. ٻئي ڏينهن تي هو برنباس سان گڏجي دربيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر اڃا شاگرد سندس آسپاس بيٺا هئا، تہ هو اُٿي بيٺو، ۽ شهر ۾ آيو؛ ۽ ٻئي ڏينهن برناباس سان گڏجي دربي ڏانهن ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پر جڏهن ايمان وارا چوڌاري مڙي آيس تہ هو اُٿي بيٺو ۽ شهر ڏانهن موٽي ويو. ٻئي ڏينهن تي هو برنباس سان گڏجي دربيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پر جڏھن شاگرد چوڌاري مڙي آيس تہ ھو اٿي بيٺو ۽ شھر ڏانھن موٽي ويو. ٻئي ڏينھن تي پولس ۽ برنباس دربيءَ ڏانھن روانا ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 14:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.


اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين.


پطرس کين ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انهن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن پرميشور کيس جيل مان ڇڏايو. هن وڌيڪ چين تہ ”هيءَ ڳالهہ يعقوب ۽ ٻين وشواسين کي بہ ٻڌائجو.“ اهو چئي هو اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو.


هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


پوءِ هو اتي وشواسين وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا.


جڏهن انهن کي اها خبر پئجي ويئي تہ هو هڪدم اتان نڪري لوڪئنيا علائقي جي شهرن لسترا ۽ دربي ۽ انهن جي آس‌پاس وارن علائقن ڏانهن هليا ويا.


پولس پهريائين دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانهن ويو. اتي تيمٿيس نالي هڪڙو شخص رهندو هو، جيڪو يسوع مسيح تي وشواس رکندڙ هو. سندس ماتا يهودڻ هئي ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندو هئائين، جڏهن تہ سندس پتا يوناني هو.


سو پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لُديا جي گھر ويا، جتي هو وشواسين سان مليا ۽ کين همتايائون. پوءِ هو اتان روانا ٿي ويا.


هنگامي ختم ٿيڻ کان پوءِ پولس سڀني وشواسين کي گڏ ڪري نصيحت ڪئي ۽ کانئن موڪلايائين. پوءِ هو مڪدُنيا ڏانهن روانو ٿي ويو.


جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيوت رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ