Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 14:15 - Hindu Sindhi Bible

15 ”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيوت ايشور کي مڃو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ”اي انسانو! اوھين ھي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوھان جھڙا فاني انسان آھيون. اسين تہ اوھان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آھيون تہ اوھين ھنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انھيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجھن آھي سو پيدا ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 14:15
67 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“


هائو، جيئن پتا جيون جو بنياد آهي، تيئن هن پنهنجي پٽ کي بہ جيون جو بنياد بڻايو آهي.


جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي مان ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جو مان ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.


پر پطرس کيس مٿي اٿاريندي چيو تہ ”اُٿو، آءٌ پاڻ بہ هڪ انسان آهيان.“


سو ايشور جيڪو وچن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو تنهن جي خوشخبري اسين ٻڌايون ٿا.


دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ۽ گھڻا ئي ماڻهو يسوع جا پوئلڳ بڻيا. پوءِ هو موٽي لسترا، اڪونيم ۽ پسديا واري انطاڪيا ۾ آيا.


اتي بہ هو خوشخبري ٻڌائيندا رهيا.


پوءِ هن کين ٻاهر ڪڍيو ۽ وينتي ڪندي چوڻ لڳو تہ ”سوامي! آءٌ ڇا ڪريان جو مڪتي ملي؟“


”اي دوستؤ! آءٌ سمجھان ٿو تہ هن سفر ۾ تڪليف ۽ وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. رڳو مال ۽ جهاز جو نقصان نہ پر جيون جو بہ خطرو آهي.“


جڏهن ماڻهن کي کاڌي کان سواءِ ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، تڏهن پولس انهن جي اڳيان اُٿي بيهي چيو تہ ”اي دوستؤ! جيڪڏهن اوهين منهنجي صلاح مڃيو ها ۽ ڪريتي وٽان نہ هلو ها تہ هي نقصان ۽ تڪليف اسان کي نہ رسي ها.


تنهنڪري اي دوستؤ! دلجاءِ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو ايشور تي پورو يقين آهي تہ جيئن مون کي چيو اٿس تيئن ئي ٿيندو


جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو رچنا ڪندڙ آهين.


ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘


سو بتن تي ٻليدان ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت سنسار ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ ايشور ڪونهي.


جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب جيون نہ گذاريو.


ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوجا کي ڇڏي ايشور ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين جيوت ۽ سچي ايشور جي ڀڳتي ڪريو


جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ ايشور جو گھراڻو جيڪو جيوت ايشور جي منڊلي ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي جيوت ايشور کان ڦري وڃي.


سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ بہ اسان وانگر انسان هو. هن وڏي جوش سان پرارٿنا ڪئي تہ مينهن نہ وسي، پوءِ ساڍن ٽن سالن تائين ڌرتيءَ تي مينهن نہ پيو.


هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”ايشور جو خوف رکندي سندس مهانتا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“


تڏهن آءٌ هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ يسوع بابت شاهدي ئي ايشور جي سنديش جو نچوڙ آهي.“


پوءِ مون انهيءَ حيوان، ڌرتيءَ جي راجائن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين سنديش ڏيندڙن وانگر ۽ هن شاستر جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان.“


”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ