Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:43 - Hindu Sindhi Bible

43 گڏجاڻي پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل ڌرمچاري انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”ايشور جي انهيءَ ڪرپا تي قائم رهندا اچو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 پوءِ جڏهن جماعت برخاست ٿي، تڏهن گهڻا يهودي، ۽ سندن ڪيترا ديندار نومريد، پولس ۽ برناباس جي پٺيان آيا، ۽ هنن ساڻن گفتگو ڪري کين همتايو تہ خدا جي فضل تي قائم رهندا اچو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي نوان يهودي ٿيل خداپرست ماڻهو انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. تڏهن پولس ۽ برنباس ساڻن ڳالهائي کين تاڪيد پئي ڪيو تہ ”خدا جي انهيءَ فضل تي قائم رهندا اچو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:43
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرم تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو ڌرم ۾ اچي اوهان جو چيلو ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو نرڳ واسي ٿا بڻايو.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پوِتر آتما ۽ وشواس سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ ايشور ڪيئن نہ مٿن ڪرپا ڪئي آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”پرڀو يسوع سان تن ۽ من سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو پرڀو يسوع تي وشواس آڻي منڊليءَ ۾ شامل ٿي ويا.


تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ ايشور ڀڳت مانوارين نارين کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


هنن هر هنڌ پرڀوءَ جي پوئلڳن جي وشواس کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو وشواس تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ پرڀو يسوع بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. پرڀوءَ سندن هٿان چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي ڪرپا بابت سندن سنديش کي سچو ثابت ٿي ڪيو.


انهن نارين ۾ ٿواتيرہ شهر جي لُديا نالي هڪ ايشور ڀڳت ناري بہ هئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي هئي. پرميشور هن جي دل کولي تہ جيئن هوءَ پولس جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي.


تنهنڪري هو يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي يهودين ۽ ايشور ڀڳت غير يهودين سان توڙي بازار ۾ ملڻ وارن سان روزانو بحث پيو ڪندو هو.


پوءِ ڪي ماڻهو ساڻس اچي گڏيا ۽ يسوع مسيح تي وشواس آندائون. انهن ۾ اريوپگس پئنچائت جو هڪڙو ڪارڪن جنهن جو نالو ديونسي‌يس هو، دمرس نالي هڪڙي ناري ۽ ٻيا بہ ڪيترائي شامل هئا.


انهن مان ڪن يهودين، ايشور ڀڳت يونانين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ڪيترين ئي مکيہ نارين بہ اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا.


پوءِ هو اتان روانو ٿي طيطس يوستس نالي هڪڙي شخص جي گھر اچي رهيو، جيڪو ايشور ڀڳت غير يهودي هو ۽ جنهن جو گھر يهودين جي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي ڀرسان هو.


فروگيا، پمفيليا ۽ مصر جي علائقن وارا ۽ لبيا ۾ ڪريني شهر جي آس‌پاس رهندڙ آهيون. ان کان علاوہ روم کان آيل مسافر،


پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين ايشور جي راڄ بابت سمجھائيندي پولس کين اُپديش ڏيندو رهيو، جنهن ۾ يسوع بابت کين مڃائڻ لاءِ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.


سنتن جي صلاح تي وشواسين جي سڄي منڊلي خوش ٿي. سو انهيءَ منڊليءَ هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو وشواس ۽ پوِتر آتما سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤ‌س جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيو.


جيئن تہ اها چونڊ ايشور جي ڪرپا موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ ايشور جي ڪرپا ڪرپا نہ ليکجي ها.


جڏهن تہ ايشور پنهنجي ڪرپا واري بخشش سان يسوع مسيح ۾ مڪتيءَ سبب ئي انهن سڀني کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


اسان جي وشواس جي وسيلي مسيح اسان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿينداسين.


تنهنڪري جيئن پاپ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي ايشور جي ڪرپا جي حڪمراني اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون ٿي بخشي.


تنهنڪري پرميشور جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ ايشور جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا.


اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو،


مسيح اسان کي آزاد رهڻ لاءِ ئي آزاد ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين انهيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.


اوهين جيڪي نيم جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ ايشور جي ڪرپا کان محروم ٿي ويا آهيو.


مطلب تہ ايشور جي ڪرپا جي ڪري ئي اوهين وشواس آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر ايشور جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي.


بهرحال اسان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي تہ جنهن حد تائين اسين سمجھون ٿا، تنهن موجب جيون گذاريون.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين، جن جو آءٌ سڪايل آهيان ۽ جيڪي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، سي اي پريميؤ! پرڀو يسوع ۾ انهيءَ طرح ئي قائم رهو.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


اسين انهيءَ مسيح بابت ئي سنديش ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ سکيا ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪريون.


اهڙي هلت چلت ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي اها ڪرپا جيڪا سڀني ماڻهن جي مڪتيءَ جو سبب آهي، سا ظاهر ٿي چڪي آهي.


خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو ايشور جي ڪرپا کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو اپوِتر ٿي پون.


جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


آءٌ اوهان ڏانهن هي مختصر خط سيلاس جي مدد سان لکي رهيو آهيان، جنهن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهان کي همتايان ۽ شاهدي بہ ڏيان تہ جيڪو بہ لکيو اٿم سو ايشور جي سچي ڪرپا آهي. اوهين انهيءَ تي قائم رهو.


سو اي پريميؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ ايشور سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.


جيڪو بہ مسيح جي سکيا تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ ايشور موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي سکيا تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پتا بہ آهي ۽ پٽ بہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ