Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:38 - Hindu Sindhi Bible

38 تنهنڪري اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ يسوع جي طرفان اوهان اڳيان پاپن جي معافيءَ جو اعلان ڪجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 تنهنڪري، اي ڀائرو، اوهان کي روشن هجي، تہ انهي جي وسيلي اوهان کي گناهن جي معافيءَ جي خبر ٿي ڏجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 تنهنڪري اي ڀائرؤ! اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ عيسيٰ جي طرفان اوهان اڳيان گناهن جي معافيءَ جو اعلان ڪجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 تنھنڪري اي ڀائرؤ! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ عيسيٰ جي طرفان اوھان اڳيان گناھن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:38
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يسوع رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي قوم کي سندن پاپن کان مڪتي ڏيندو.“


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.


ٻئي ڏينهن تي يوحنا يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي ايشور جو گھيٽڙو آهي، جيڪو سنسار جا پاپ کڻي وڃي ٿو.


انهيءَ بابت ايشور جو سنديش ڏيندڙ سڀني سنتن جي شاهدي آهي تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻيندو، تنهن جا پاپ سندس نالي جي وسيلي بخشيا ويندا.“


پوءِ پطرس ٻين يارهن سنتن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي.


پولس آخر ۾ چين تہ ”سو اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ ايشور جو مڪتيءَ وارو اهو سنديش غير قومن ڏانهن موڪليو ويو آهي، جيڪو اهي ٻڌندا بہ.“


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.


نہ رڳو ايترو پر ايشور کيس مالڪ ۽ مڪتي ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي همت ڏئي ۽ سندن پاپ بخشي ڇڏي.


انهيءَ پٽ ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو ايشور جي انهيءَ ڪرپا جي دولت موجب آهي،


هڪٻئي تي ڪرپالو ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح ايشور مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.


جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي، يعني پاپن جي معافي ملي آهي.


پر هاڻي يسوع کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر سيوا ملي آهي، جيتري قدر پراڻي ٻڌل وچن کان اهو ٻڌل وچن بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو ٻڌل وچن ايشور جي بهتر وچنن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.


حقيقت ۾ نيم موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پوِتر ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي.


اي منهنجا پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو مسيح جي نالي جي ڪري اوهان جا پاپ معاف ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ