Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 13:36 - Hindu Sindhi Bible

36 ايشور پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

36 ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 خدا پنهنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس هٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. هن کي پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ هن جو لاش ڳري سڙي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 خدا پنھنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس ھٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. ھن کي پنھنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ھن جو لاش ڳري سڙي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 13:36
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن کي پنج هزار سون جا سڪا مليا، تنهن وڃي هڪدم انهن سان واپار هلايو ۽ ٻيا پنج هزار ڪمايائين.


يسوع چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“


پوءِ ايشور هن کي هٽائي دائود کي انهن جو راجا مقرر ڪيو. ايشور هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي.


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت ايشور جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! هنن جي هن پاپ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


پوءِ ڪن ڌرمچاري ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو. انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ منڊليءَ کي ڏاڍو ستايو ويو. سنتن کان سواءِ سڀيئي وشواسي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.


تڏهن چئجي تہ جيڪي بہ مسيح تي وشواس رکندڙ مري چڪا آهن سي برباد ٿي ويا.


تنهن کان پوءِ پنجن سون کان وڌيڪ وشواسين کي هڪ ئي وقت درشن ڏنائين، جن مان گھڻا اڃا تائين جيوت آهن، جڏهن تہ ڪجھہ مري ويا آهن.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي وشواسي قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ