Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:9 - Hindu Sindhi Bible

9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ دوت ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪو درشن ڏسي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 سو هو ٻاهر نڪري سندس پٺيان ويو؛ ۽ ايتري خبر نہ پيس تہ جيڪي ملائڪ ٿو ڪري، سو سچ پچ ائين آهي، پر ڀانيائين تہ آئون ڪا رويا ٿو ڏسان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان هلڻ لڳو. پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رهيو هو تنهن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پطرس جيل مان نڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳو، پر جيڪي ڪجھہ ملائڪ ڪري رھيو ھو تنھن کي حقيقت نہ ٿي ڄاتائين، بلڪ ائين ٿي سمجھيائين تہ ”آءٌ ڪا رويا ڏسي رھيو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع جي ماتا نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“


پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪو درشن مون کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“


”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ مون کي درشن ڏنو ويو تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آڪاش مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي.


پوءِ دوت چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ هن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنهنجو جبو پاءِ ۽ منهنجي پٺيان هليو اچ.“


”سو اي راجا اگرپا! مون کي آڪاش مان جيڪو درشن ڏنو ويو، تنهن کان منهن نہ موڙيو اٿم.


دمشق ۾ حننياہ نالي پرڀو يسوع جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي درشن ۾ پرڀو يسوع چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا پرڀو!“


جڏهن ابرهام کي سڏيو ويو تہ وشواس جي ڪري ئي هو ايشور جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس وچن ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها سڌ نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ