Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:5 - Hindu Sindhi Bible

5 جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن منڊليءَ جي ماڻهن هن لاءِ تن ۽ من سان ايشور کي پرارٿنائون پئي ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 سو پطرس تہ قيدخاني ۾ پهري هيٺ هو؛ پر ڪليسيا سندس لاءِ ڏاڍيءَ دل سان خدا کان دعا پئي گهُري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 پطرس تہ جيل ۾ پھري ھيٺ ھو، پر ڪليسيا جي ماڻھن ھن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جڏهن اوهان مان ڪي ٻہ ڄڻا بہ هڪ راءِ ٿي هن ڌرتيءَ تي ڪنهن ڳالهہ لاءِ پرارٿنا ڪندا تہ منهنجو آڪاش وارو پتا اوهان لاءِ اها ضرور پوري ڪندو،


يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هر وقت پرارٿنا ڪندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ


اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماتا مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ پرارٿنائون ڪري رهيا هئا.


هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي تهوار کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.


جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو.


جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي تڪليف رسي ٿي تہ سڀني عضون کي انهيءَ سان گڏ تڪليف ٿي رسي ۽ جيڪڏهن هڪڙي عضوي کي خاص مان ملي ٿو تہ انهيءَ سان گڏ سڀ خوشي ڪن ٿا.


جڏهن تہ اوهين بہ گڏجي پنهنجين پرارٿنائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪريو ٿا. پوءِ گھڻين پرارٿنائن جي وسيلي اسان تي ڪرپا ٿي ويندي، تڏهن اسان جي ڪري گھڻا ماڻهو ايشور جو شڪر ڪندا.


قيدين کي ياد رکندي سندن ائين سار سنڀال لهو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان گڏ قيد ۾ آهيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ائين ياد رکو، جو ڄڻ تہ اوهين پاڻ بہ انهن سان گڏ بدسلوڪي سهو ٿا.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ