Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:3 - Hindu Sindhi Bible

3 جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار جا ڏينهن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ جڏهن ڏٺائين تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي، تڏهن پطرس کي بہ جهلايائين. اهي فطيري عيد جا ڏينهن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جڏهن هن ڏٺو تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي آهي، تڏهن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اهي بي‌خميري مانيءَ جي عيد جا ڏينهن هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 جڏھن ھن ڏٺو تہ يھودين کي اھا ڳالھہ چڱي لڳي آھي، تڏھن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اھي بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جا ڏينھن ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار جي پهرئين ڏينهن تي چيلن اچي يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“


اهي ايشور جي نظر ۾ چڱو ٿيڻ بدران ماڻهن اڳيان مان حاصل ڪرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا.


يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون نوجوان هئين تہ پنهنجو سندرو پاڻ ٻڌندو هئين ۽ جيڏانهن تو کي وڻندو هو اوڏانهن گھمندو ڦرندو هئين. پر جڏهن تون پوڙهو ٿيندين تڏهن پنهنجا هٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلهہ سان سندرو ٻڌي اوڏانهن وٺي ويندو جيڏانهن وڃڻ لاءِ تنهنجي دل نہ چوندي.“


هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي تهوار کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.


پوءِ پطرس ٻين يارهن سنتن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو.


بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار کان پوءِ اسين فلپيءَ مان سامونڊي جهاز ۾ چڙهي روانا ٿياسين ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ انهن سان تروآس ۾ اچي ملياسين، جتي اسين هڪ هفتو رهياسين.


پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري.


فيستس يهودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانهن هلندين تہ جيئن اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟“


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.


آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر ايشور کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو داس نہ هجان ها.


ان جي ابتڙ ايشور اسان کي لائق قرار ڏيئي خوشخبريءَ جو سنديش جيئن اسان جي حوالي ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻهن کي نہ پر ايشور کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي پرکي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ