Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:20 - Hindu Sindhi Bible

20 جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 هاڻي هيروديس صور ۽ صيدون جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو؛ ۽ اُهي پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس آيا، ۽ بلاسطس، جو بادشاهہ جو ناظر هو، تنهن کي پنهنجي پاسي ڪري عرض ڪيائونس تہ اسان سان پرچاءُ ڪر، ڇالاءِ جو هنن کي بادشاهہ جي ملڪ مان سيڌو سامان پهچندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ھيروديس بادشاھہ صور ۽ صيدا جي ماڻھن تي ڏاڍو ڪاوڙيل ھو. پر جيئن تہ ھنن کي بادشاھہ جي ملڪ مان سيڌو سامان ملندو ھو، تنھنڪري اھي ٽولو ٺاھي ساڻس ملڻ آيا. ان لاءِ پھريائين ھنن بلاسطس کي پنھنجي پاسي ڪيو، جيڪو بادشاھہ جي محلات جو دربان ھو. پوءِ ھيروديس کي عرض ڪيائون تہ ”اسان سان پرچاءُ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:20
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي ساراهہ ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ ايشور جي راڄ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


سو هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري راجائي پوشاڪ پهري عدالت واري تخت تي اچي ويٺو ۽ انهن ماڻهن جي اڳيان تقرير ڪرڻ لڳو.


پوءِ اهڙي هنڌ پهتاسين جتان اسين قبرص ٻيٽ کي ڏسي سگھون پيا ۽ انهيءَ جي ڏکڻ طرف کان شام ڏانهن هلندا وياسين. پوءِ صور ۾ پهچي جهاز بندر سان لڳو تہ اسين هيٺ لٿاسين، ڇاڪاڻ تہ اتي جهاز مان سامان لهڻو هو.


اسان پنهنجو سفر جاري رکندي صور کان پتلميس شهر ۾ پهتاسون، جتي اسان وشواسين جي خير خيريت معلوم ڪئي ۽ انهن وٽ هڪ ڏينهن رهياسون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ