Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 12:19 - Hindu Sindhi Bible

19 هيروديس هن جي ڳولا ڪرائي، پر هو کيس ڪٿي بہ نہ مليو. پوءِ هن پهريدارن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ هيروديس راجا يهوديہ مان هليو ويو ۽ وڃي قيصريہ ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ جڏهن هيروديس هن جي ڳولا ڪئي پر نہ لڌو، تڏهن هن پهري وارن کان پڇاڳاڇا ڪئي، پوءِ حڪم ڏنائين تہ کين قتل ڪري ڇڏيو. ۽ پاڻ يهوديہ مان نڪري وڃي قيصريہ ۾ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هيروديس هن جي ڳولا ڪرائي، پر هو کيس ڪٿي بہ نہ مليو. پوءِ هن پهريدارن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ هيروديس بادشاهہ يهوديہ مان هليو ويو ۽ وڃي قيصريہ ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ھيروديس ھن جي ڳولا ڪرڻ لاءِ کين حڪم ڏنو، پر ھو کيس لھي نہ سگھيا. پوءِ ھن پھريدارن کان پڇا⁠ڳاڇا ڪئي ۽ حڪم ڏنائين تہ کين قتل ڪيو وڃي. ھن کان پوءِ ھيروديس يھوديہ مان ھليو ويو ۽ ڪجھہ وقت وڃي قيصريہ ۾ گذاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 12:19
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ يسوع يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي جوتشي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا


جڏهن اُهي هليا ويا تہ پرميشور جو هڪڙو دوت يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ جوتشين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن جوتشين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


جڏهن صبح ٿيو تہ سپاهين ۾ ڏاڍو ٿرٿلو پئجي ويو تہ پطرس ڪيڏانهن ويو؟


هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي تهوار کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.


جنهن ڏينهن هيروديس کيس ماڻهن اڳيان پيش ڪرڻ وارو هو، انهيءَ کان اڳ واري رات پطرس ٻن پهريدارن جي وچ ۾ ستو پيو هو، جن جا هٿ سندس ٻنهي هٿن ۾ جدا جدا پيل هٿڪڙين سان ٻڌل هئا. جيل جي دروازن تي بہ پهرو هو.


تنهن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کُليا پيا آهن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آهن. تنهنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي هو


ٻئي ڏينهن تي اسين اتان روانا ٿي قيصريہ ۾ اچي پهتاسون، جتي اسين خوشخبري ٻڌائيندڙ فلپس جي گھر وڃي رهياسين، جيڪو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو جن کي يروشلم ۾ سيوا لاءِ چونڊيو ويو هو.


ڪن ڏينهن کان پوءِ اگرپا راجا ۽ سندس ڀيڻ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا


سپاهين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ قيدين کي ماري ڇڏجي، متان انهن منجھان ڪو تري ڀڄي نہ وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ