Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:28 - Hindu Sindhi Bible

28 انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پوِتر آتما جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي حڪومت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ منجهانئن هڪڙو اگبس نالي اُٿي بيٺو، ۽ روح جي وسيلي چيائين تہ ساريءَ دنيا تي ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي: جو ڪلوديس جي ڏينهن ۾ اچي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي شهنشاهت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 انھن مان اگبس نالي ھڪڙو نبي اٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پيشنگوئي ڪيائين تہ سڄيءَ دنيا ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آھي. ائين ئي ٿيو ۽ اھو ڏڪار ڪلوديس شھنشاھہ جي ڏينھن ۾ پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:28
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار سڄي سنسار ۾ ڪيو ويندو، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاهدي ٿئي. تنهن کان پوءِ هن سنسار جي پڄاڻي ٿيندي.“


قوم قوم سان وڙهندي ۽ راڄ راڄ تي چڙهائي ڪندو. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


يوحنا جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي حڪومت جي آدمشماري ڪئي وڃي.


تبريس نالي رومي قيصر جي حڪومت جو پندرهون سال هو. انهن ڏينهن ۾ يهوديہ صوبي جو گورنر پنطيس پلاطس هو ۽ گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس هو. اِيتوريا ۽ ترخونيتس جي علائقن جو حڪمران هيروديس جو ڀاءُ فلپس هو ۽ ابليني علائقي جو حڪمران لسانياس هو.


اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس پتني پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو


اتي اسين ڪيترائي ڏينهن رهياسون، تڏهن مسيح تي وشواس رکندڙ اگبس نالي هڪڙو شخص جيڪو ايشور جو سنديش ڏيندو هو، سو يهوديہ مان اتي اچي پهتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ