سنتن جا ڪم 11:23 - Hindu Sindhi Bible23-24 برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پوِتر آتما ۽ وشواس سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ ايشور ڪيئن نہ مٿن ڪرپا ڪئي آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہافزائي ڪندي کين چيائين تہ ”پرڀو يسوع سان تن ۽ من سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو پرڀو يسوع تي وشواس آڻي منڊليءَ ۾ شامل ٿي ويا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible23 ۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible23-24 برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہافزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament23 برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل وَ جان سان وفادار رھجو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پوِتر شاستر مطابق پراڻي زماني کان پاپي قرار ڏنو ويو آهي. اهي بيڌرمي ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي ايشور جي ڪرپا کي بگاڙي پنهنجي شهوتپرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ پرڀوءَ، يعني يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.