Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 11:2 - Hindu Sindhi Bible

2 سو جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ختني واري حڪم تي عمل ڪندڙن کي ئي لائق سمجھندا هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو، تڏهن جيڪي مختون هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ ڪي مسيح تي ايمان رکندڙ جيڪي طهر واري حڪم تي عمل ڪندڙن کي ئي لائق سمجھندا هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 جڏھن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ جيڪي ايمان وارا طھر ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا، تن ساڻس بحث ڪيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 11:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ


ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ چڙهيو.


ان وقت يهوديہ کان ڪي ماڻهو انهيءَ انطاڪيا شهر آيا ۽ مسيح تي وشواس رکندڙن کي هيءَ سکيا ڏيڻ لڳا تہ ”جيستائين اوهين موسيٰ جي نيم موجب ختنو نہ ڪرائيندا، تيستائين اوهان کي مڪتي ملي نہ سگھندي.“


پر جن فريسين وشواس آندو هو تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قوم وارن جو ختنو ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ هو موسيٰ جي نيم تي هلن.“


يسوع جنهن کي يوستُس ڪري سڏيندا آهن، سو بہ اوهان کي نمسڪار چوي ٿو. مسيح تي وشواس رکندڙ يهودين مان رڳو اهي ٽي ماڻهو آهن، جن مون سان گڏجي ايشور جي راڄ جو پرچار پئي ڪيو آهي. اهي منهنجي گھڻي تسليءَ جو سبب بڻيا آهن.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو گھڻا ئي ماڻهو، خاص ڪري اهي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين، سي فسادي، اجائي بڪ بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ