Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:7 - Hindu Sindhi Bible

7 اهو چئي دوت وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ڌرمچاري سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو، سو جڏهن هليو ويو، تڏهن هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي، ۽ جيڪي سپاهي هميشہ سندس خدمت ۾ رهندا هئا، تن مان هڪڙي ديندار سپاهيءَ کي سڏيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اهو چئي ملائڪ وٽائنس هليو ويو. پوءِ ڪُرنيليس پنهنجي ٻن نوڪرن ۽ هڪ ديندار سپاهيءَ کي گھرايو، جيڪو هن جو اردلي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پوءِ جيڪو ملائڪ ساڻس ڳالھائي پيو سو ھليو ويو. ڪرنيليس پنھنجن ٻن نوڪرن ۽ ھڪ ديندار سپاھيءَ کي گھرايو، جيڪو ھن جو اردلي ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اُهي هليا ويا تہ پرميشور جو هڪڙو دوت يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پوِتر آتما سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“


هو سمنڊ جي ڪناري تي شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر ۾ رهيل آهي جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ آهي.“


هن انهن کي سڄي ڳالهہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانهن موڪليائين.


جن وشواسي غلامن جا مالڪ بہ وشواسي آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جو گھڻو مان ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا وشواسي ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر سيوا ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن سيوا جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌وشواسي ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي سکيا ڏي ۽ نصيحت ڪر.


هڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بهتر هڪ پيارو ڀاءُ ٿي رهي. هو مون کي تہ تمام پيارو آهي، پر تنهنجي گھر ۾ رهندڙ ۽ وري مسيح ۾ ڀاءُ هجڻ ڪري تنهنجو اڃا بہ وڌيڪ پيارو هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ