Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:4 - Hindu Sindhi Bible

4 هن دوت ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سوامي؟“ دوت چيس تہ ”ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ۽ دان قبول ڪيا آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هن ملائڪ ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنهنجيون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ھن ملائڪ ڏانھن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنھنجون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آھن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ آڪاش جي راڄ واري خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“


مريم دوت جي ڳالهائڻ تي ڏاڍي گھٻرائجي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي تہ هن جي انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي.


تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيوت آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟


هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجا دان قبول ڪيا ويا آهن.


جڏهن هو پولس جون مسيح بابت ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تہ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس يسوع مسيح تي ايترو وشواس آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.


مون کانئس پڇيو تہ ’اي پرڀو! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنهن تي پرڀوءَ مون کي چيو تہ ’اُٿي دمشق ڏانهن وڃ. اتي تو کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو تنهنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.‘


تنهن تي انهن هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانهن نهار.“


هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙو قبول پوندڙ ٻليدان آهي، جنهن کي ايشور پسند ٿو ڪري.


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جي چنتا نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجيون وينتيون اوهين پرارٿنا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي ايشور جي شرڻ ۾ پيش ڪندا رهو.


ان سان گڏوگڏ اوهين ڀلائي ڪرڻ ۽ مليل آسيسن ۾ ٻين کي شريڪ ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ٻليدان ايشور کي پسند آهن.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور بي‌انصاف ناهي جو هو اوهان جي محنت ۽ انهيءَ پيار کي وساري ڇڏي، جيڪو اوهان سندس نالي واسطي اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو جو مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي، بلڪ اڃا تائين ڪندا ٿا رهو.


تڏهن انهيءَ دوت جي هٿان ٻرندڙ لوبان جو دونهون مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي پرارٿنائن سان گڏ مٿي ايشور آڏو وڃي پهتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ