Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:34 - Hindu Sindhi Bible

34 پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 پوءِ پطرس ھيئن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ خدا سڀني سان ھڪجھڙو ھلي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:34
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ فريسين پنهنجن چيلن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي يسوع ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


انهن ڇاڙتن يسوع کان پڇيو تہ ”اي گرو! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اوهين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آهي ۽ اوهين ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوهين تہ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو.


تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي ڪرپا آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ ايشور جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ پرميشور اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


هن وشواس جي وسيلي سندن دلين کي بہ پوِتر ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي.


تڏهن فلپس پوِتر شاستر کي انهيءَ هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع بابت خوشخبري ٻڌائڻ لڳو.


ڇاڪاڻ تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.


هاڻ ڇا ايشور رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي.


باقي منڊليءَ ۾ جيڪي مانوارا ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي.


اي مالڪؤ! اوهين بہ پنهنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇو تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهن جو ۽ اوهان جو، ٻنهي جو مالڪ آڪاش تي آهي ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آهي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو ختنو ڪيل آهي نہ وري ختنو نہ ڪيل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


ياد رکو، جيڪو غلط ڪم ڪري ٿو تنهن کي پنهنجي انهن ڪمن جو بدلو ملندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور وٽ ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي مهان تيج واري پرڀو يسوع مسيح تي وشواس رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو.


تڏهن ڇا اوهان پاڻ ۾ ٻِہ‌اکيائي نہ ڪئي؟ ۽ ڇا اوهين بري نيت وارا عدالت ڪندڙ نہ ٿيا؟


پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين پاپ ٿا ڪريو. تنهن تي ايشور جو نيم اوهان کي پاپي قرار ٿو ڏئي،


هاڻي جيڪڏهن اوهين پرارٿنا ڪندي ايشور کي پتا ڪري سڏيو ٿا، جيڪو هر هڪ ماڻهوءَ جي عمل موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنهنجو هي مسافرن وارو جيون سندس خوف ۾ گذاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ