Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:30 - Hindu Sindhi Bible

30 ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تڏهن ڪرنيليس چيو تہ چار ڏينهن ٿيندا تہ هيڏيءَ مهل مون پنهنجي گهر ۾ ٽپهريءَ جي دعا پئي گهُري، تہ اوچتو هڪڙو ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ پائي منهنجي اڳيان اچي بيٺو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي دعا گھري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ڪرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينھن جي ڳالھہ آھي تہ آءٌ پنھنجي گھر ۾ ٽپھريءَ جي وقت دعا گھري رھيو ھوس تہ اوچتو ھڪ ماڻھو تجليدار پوشاڪ سان منھنجي اڳيان اچي بيٺو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جو روپ کِنوڻ جهڙو تجليدار هو ۽ سندس پوشاڪ اڇي چمڪدار هئي.


تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين يسوع ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيوت ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون.


اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن.


جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آڪاش ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا.


انهن وراڻيو تہ ”صوبيدار ڪُرنيليس اسان کي موڪليو آهي. هو هڪ نيڪ ۽ ايشور ڀڳت ماڻهو آهي ۽ يهودين جي سڄي قوم ۾ ڏاڍي ساراهہ اٿس. هن کي ايشور جي هڪڙي پوِتر دوت چيو آهي تہ هو تو کي پنهنجي گھر سڏائي تنهنجي واتان تنهنجيون ڳالهيون ٻڌي.“


اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“


هن مون کي چيو تہ ’اي ڪُرنيليس! ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ٻڌيون آهن ۽ تنهنجا دان قبول ڪيا ويا آهن.


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن ڀڳتي ڪرڻ ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ