Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:3 - Hindu Sindhi Bible

3 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي درشن ڏنو ويو، جنهن ۾ ايشور جي هڪڙي دوت کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هن هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽين بجي رويا ۾ صاف صاف خدا جي هڪڙي ملائڪ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، جنهن چيس تہ اي ڪرنيليس!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ خدا جي هڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ھڪڙي ڏينھن ٽپھريءَ جو ھن رويا ۾ خدا جي ھڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺو، جنھن چيس تہ ”اي ڪرنيليس!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“


تڏهن زڪرياہ کي پرميشور جو هڪڙو دوت لوبان ساڙڻ واري ٻليدان واري جاءِ جي ساڄي پاسي بيٺل نظر آيو.


اوچتو ريڍارن کي انهيءَ دوت سان گڏ ٻين دوتن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايشور جي مهما ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ


پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪو درشن مون کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.


پطرس اڃا تائين سوچي رهيو هو تہ انهيءَ درشن جو مطلب ڇا آهي تہ پوِتر آتما کيس چيو تہ ”ٻڌ، ٽي ماڻهو تو کي ڳولي رهيا آهن.


ڪُرنيليس چيس تہ ”چئن ڏينهن جي ڳالهہ آهي جو آءٌ پنهنجي گھر ۾ هن ساڳي ئي وقت اٽڪل ٽي بجي پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ اوچتو هڪ ماڻهو تجليدار پوشاڪ سان منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.


ٻئي ڏينهن تي جڏهن اهي رستي ۾ ئي هئا ۽ شهر کي اچي ويجھا ٿيا تہ پطرس اٽڪل منجھند جو ڪوٺي تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ چڙهيو.


هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ دوت کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.


ڏسو، جنهن ايشور جو آءٌ داس آهيان ۽ جنهن جي آءٌ ڀڳتي ٿو ڪريان، تنهن جو دوت رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن ڀڳتي ڪرڻ ويا.


پر انهيءَ رات پرڀوءَ جي هڪڙي دوت اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ سنتن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ


دمشق ۾ حننياہ نالي پرڀو يسوع جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي درشن ۾ پرڀو يسوع چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا پرڀو!“


تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


ڇا اهي سڀ دوت ڀڳتي ڪندڙ آتمائون نہ آهن، جيڪي ميراث طور مڪتي حاصل ڪندڙن جي سيوا لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


اهڙيءَ طرح هو دوتن کان اوتري قدر مهان ٿيو، جيتري قدر کيس انهن جي دوت نالي کان مهان نالو ورثي ۾ مليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ