Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 10:28 - Hindu Sindhi Bible

28 پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي ڌرم ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر ايشور مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اپوِتر يا گھٽ نہ سمجھان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 تڏهن اُنهن کي چيائين تہ خود اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ يهوديءَ کي ٻي قوم واري ماڻهوءَ سان سنگت رکڻ يا انهي وٽ لنگهي وڃڻ روا نہ آهي؛ تنهن هوندي بہ خدا مون کي ڏيکاريو آهي تہ آئون ڪنهن کي بہ پليت يا ناپاڪ نہ سڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 پطرس انهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يهودين جي مذهب ۾ جائز نہ آهي تہ هو ڪنهن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آهي تہ آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 پطرس انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ يھودين جي مذھب ۾ جائز نہ آھي تہ ھو ڪنھن غير قوم واري سان ملن جلن يا دوستي رکن. پر خدا مون کي صاف چيو آھي تہ آءٌ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پليت يا گھٽ نہ سمجھان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 10:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڏٺو تہ يسوع جا ڪي چيلا پنهنجا هٿ ڌوئي پوِتر ڪرڻ کان سواءِ ئي اپوِتر هٿن سان روٽي کائين ٿا پيا.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ’اي ايشور! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان.


ٻئي ڏينهن صبح جو يسوع کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي نيم جي رسم موجب اپوِتر نہ ٿين ۽ فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جهڙا رهن.


ايتري ۾ يسوع جا چيلا موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو ناري ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ ناريءَ کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ يسوع کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“


تنهن تي انهيءَ ناريءَ کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري ناريءَ کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا.


اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“


تنهن تي وري آڪاش مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي ايشور پوِتر ڪيو آهي تنهن کي اپوِتر نہ چئُہ.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ